نوشهرو فيروز ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

نوشھرو فيروز ( ڊر ) نوشھرو فيروز جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ پريمي جوڙو عبدالجبار مغيري رھندڙ نواب شاه  ۽ حليما ڌي  بشير احمد پرھيار قاضي احمد لڳ ڇنڊڻ شاخ  نيشنل پريس ڪلب نوشھرو فيروز پھچي ميڊيا اڳيان دانھيندي حليما چيو ته مان راز خوشيءَ سان عبدالجبار مغيري سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي، مون کي نه ھن اغو ڪيو آ نه زوري کڻي آيو آ مان ٻن ڪپڙن ۾ گھران نڪري شريعت محمدي مطابق نوشھرو فيروز ڪورٽ ۾ نڪاهه ڪيو آھي ھاڻي منھنجا مائٽ منھنجو پيءُ بشير احمد، ڀاءُ نديم احمد ۽ سئوٽ عمران جان جا ويري بڻجي ويا آھن، اسان کي سخت نتيجا ڀوڳڻ ۽ ڪارو ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ٿا ڏين ۽ اسان کي انھن مان خطرو آھي،  ڊي آءِ جي بينظير آباد  ۽ ايس ايس پي شھيد بينظير کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

  • نئين ڪوٽ واسين جو پيٽرول اگهن ۾ واڌ بعد سخت ردعمل

نئون ڪوٽ (ن ع آ)حڪومت طرفان پئٽرول 24 روپيـ ۽ ڊيزل59 رپيا 16 پئسا مھانگو  ڪرڻ بعد عوام جو سخت رد عمل موجوده حڪومت عوام مٿان ھڪ مھيني اندر ٽيون ڀيرو پئٽرول بم ڪيرايو آهي، ھاڻي ٻچن جي روزي بـ نٿا ڪري سگھون چنگچي رڪشا ھلائيندڙ پورھيتن سوڀو خان جسڪاڻي  والم ڀيل طيب رند ڀرت ڪمار ميگھواڙ  شفيع ڪپري تيل جي اگھن ۾ غير معمولي واڌ تي پنھنجي تشويش جو اظھار  ڪندي چيو تـ تيل مھانگو  ٿيڻ بعد ماڻھن شھر وڃڻ گھٽائي ڇڏيو آهي ۔سواري نـ ملڻ سبب ٻچن جي روزي بـ نـ ٿي ٿئي۔ حڪومت تيل جا اگھه وڌائي سندن ٻچن جي وات گرھ بـ کسي ورتو آهي، چنگچي کپائڻ تي مجبور آھيون پر ڪو ڪٻاڙي کانسواءَ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن تـ حڪومت طرفان ڊيزل جي اگھن ۾ ھڪ ڌڪ سان 59 رپيا 16 پئسـن جي واڌ کانپونءَ معيشت کي به ڪاپاري ڌڪ آهي، آبادگارن موجب ڊيزل جو کاپو پئٽرول  جي کپت کان ڏھوڻ تي وڌيڪ آهي، ڊيزل انجڻ ٽيوب ويل ٽريڪٽر توڙي جنسون مارڪيٽ  پھچائيندڙ  لوڊر گاڏيون ڊيزل تي ھلن ٿيون ڊيزل مھانگو  ٿيڻ سان زرعي جنسون مارڪيٽ تائين پھچندي ٻيڻو خرچ کائيديون ھڪ طرف حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ايگريڪلچر کي ٽيڪس فري ڪيو آهي، پر ڊيزل مھانگي ٿيڻ سان معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسندو جيڪا حڪمرانن جي غلط پاليسن سبب اڳ تباهي جي ڪناري تي پھتل آهي.

  • سڪرنڊ ۾مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ايوارڊ

سڪرنڊ  ( ن ع آ) سنڌ جو ٽيلينٽ ۽ مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگين ۾ سڪرنڊ ۾ شاندار ايوارڊ مڃتا تقريب منعقد ڪئي  وئي . سماج ۾ ڪردار ادا ڪندڙن کي ايوراڊ ڏنا ويا . سماجي تنظيم نوجوان عمراڻي اتحاد استاد غلام حسين عمراڻي ، پير بخش عمراڻي جي ميزباني هيٺ سڪرنڊ تقريب سماجي ڀلائي لاءِ ڪردار ادا ڪندڙن کي ايوارڊ سان گڏ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي . سنڌ سماج ۾ بهترين ڪردار ادا ڪندڙ تعليم ماهر استاد واحد بخش عمراڻي ، صحافي قربان عمراڻي ، صحافي مسعود احمد ، غلام محمد ، علي اڪبر ، حاجي سومر ، حاجي امير بخش ، امان الله ، آفتاب احمد، کي بهترين ڪارڪردگي تي ايوارڊ ڏنا ويا . تقريب کي عمراڻي اتحاد جي عبدالغفور عمراڻي ، محمد عمر ، دين محمد ، يار محمد ، نجم الدين ، شهزاد احمد ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان جو مقصد سماج ۾ بهتر ڪردار ادا ڪرڻ تي مان  ڏيڻ آهي . جن کي ايوارڊ مليا آهن انهن سماجي ڀلائي لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي . اسان کي نفرت بجائي محبت ڪرڻ گهرجي ۽ انسانيت سان پيار ڪرڻ گهرجي . نوجوان محنت ڪندا ته منزل ماڻي سگهندا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.