راڌڻ ڀرسان آپگهات ڪندڙ ناري جي وارثن عورت کي چريو قرار ڏئي ڇڏيو

راڌڻ (ن ع آ) راڌڻ ڀرسان ٿرڙي  محبت ٿاڻي جي حد  ڳوٺ ڪنڊيور ۾ اٺ ڏينهن اڳ  مبينا خودڪشي ڪندڙ ٻن ٻارن جي ماء بشيران جانوري جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته،اسان جي نياڻي کي مڙس ٻارھن تيرھن سال اڳ جيڪو سندس سڳو سئوٽ پڻ ھو جنهن سندس دماغي توازن چڪر جي ڪري  ڇڏئي ڏنو ھو  جيڪا اسان وٺ رھندي ھئي، پريشان ھوندي ۽ وقت به سندس کي دورا ۽پئجي ويندا ھا،جڏهن ته  گھر ۾ ڪير نه  ھوته اچانڪ سندس ھٿ ۾ ڇري  ھئي ۽ سندس لاش پڻ گھر ۾ پيل مليو،اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناھي نڪي اسان جي گھر ۾ ڪو چوري وغيره لاء آيو ھجي،اسان ڪنهن تي ڇو ڪيس داخل ڪرايو   اسان جي عورت نياڻي کي به ڪنهن ماريو آهي،ٿرڙي  محبت پوليس واقعي واري ڏينهن پھچي عورت جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء اسپتال پھچايو۽ اسان کي روڪيو ويو آهي ته توهان پوسٽ مارٽم جي  رپورٽ اچڻ تائين ڪاڏي به نه  ويندا، اسان غريب مزدور آھيون اسان جي گھر ۾ ڪجهه به ٻچڙن جي کائڻ لاء ناھي،اسان بيگناھ  ڪنهن تي به  ڪيس نٿا ڪرڻ چاھيو،اسان جي اپيل ايس ايس پي دادو ڊي ايس ميھڙ ايس ايڇ ٿرڙي  محبت کي  آھي ته  اسان جي ٻچڙن تي رحم ڪيو وڃي ۽ اسان کي ڪابه  زمين دڪان يا ڪو وڏو ڪارو بار ناھي روز جي بنياد مزدوري ڪندا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.