لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪتن جو آزار، 15 ڏاڙهي زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ رولو ڪتن وڌيڪ 15 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪيو آهي جن ۾ 4 سالن جي صبا بيبي، 32  سالن جو صغير، 40 سالن جو نثار احمد، 45 سالن جو ڪريم بخش ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سينٽر انتظاميه ٻڌايو ته رولو ڪتن جي ڏاڙهيل متاثرن جو واسطو لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن سان آهي، سينٽر تي آيل سمورن زخمين کي بروقت ويڪسين لڳائي علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.