رتوديرو ۾ جڳهه تي قبضو، همراهه گم، عورتن جو ٿاڻي آڏو ڌرڻو

رتوديرو ( ن ع آ )  رتيديري ٿاڻي آڏو عورتن جو معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاج ، ڌرڻو ، پوليس مٿان همراهه گم ڪرڻ جوا لزام ،خبر موجب  رتوديرو لڳ ڳوٺ گل محمد سيال جي رهواسي عورتن اسلام خاتون ، فائزا ۽ نجمه سيال معصوم ٻارڙن سان گڏ رتوديرو ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي ڌرڻو هڻي پوليس مٿان همراهه کي گم ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، ان موقعي تي مائي اسلام خاتون زال نياز حسين سيال صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي ڀائرن مون خلاف رڻ ٻاري مون سان وڏو ناحق ۽ ظلم ڪيو آهي گذريل ڏينهن به اسان جي گھر ۾ اچي هنن اسان عورتن مٿان بلاجواز تشدد ڪيو هن چيو ته منهنجي ڀائرن عبدالقيوم ، عبدالفتاح ، عبدالوحيد ، حبيب الرحمٰن ۽ عبدالحڪيم سيال اسان جي جڳهه تي قبضو ڪيو آهي جنهن جو ڪورٽ سڳوري مان به اسان ڪيس کٽيو آهي پر ان باوجود به منهنجا ڀائر ڏاڍ ڪيون ويٺا آهن 4 مهينا اڳ به هنن منهنجي مڙس نياز حسين کي گم ڪرائي ڇڏيو هو هن چيو ته منهنجو مڙس نياز حسين رتوديرو ٿاڻي تي ڪورٽ سڳوري جي ٿيل فيصلي جا ڪاغذ کڻي آيو هو جنهن کي رتوديرو پوليس ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو ۽ ان بعد کيس خبر ناهي ته هن کي پوليس ڪاٿي گم ڪري ڇڏيو آهي، ڊي آءِ جي ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو  معاملي جي جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي رتوديرو پوليس ٻڌايو ته سالن ۽ ڀيڻون جو پاڻ ۾ مسئلو هلندڙ آهي اسان ڌرين کي فيصلي لاءِ راضي ڪري همراه سندن حوالي ڪري ڇڏيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.