ميرپورخاص جي 5 ٿاڻن تي عورت اهلڪار وڏي منشي طور مقرر

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي ايس ايس پي ميرپورخاص شهر سميت ضلع جي 5 ٿاڻن تي عورت اهلڪار کي وڏو منشي طور مقرر ڪري ڇڏيو، ضلع جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت اهلڪار بطور وڏو منشي مقرر ٿيڻ جي آرڊر ٿيڻ بعد عورت اهلڪارن پنهنجيون ڊيوٽيون جوائن ڪري ڪم شروع ڪري ڏنو، تفصيل موجب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران سنڌ ٿاڻن تي مردن سان گڏ عورت اهلڪارن کي بطور وڏو منشي مقرر ڪرڻ وارين هدايتن بعد ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار مهر پاران جاري ڪيل هدايتن تي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري ميرپورخاص جي ٽائون ٿاڻي تي اي ايس آءِ موبينا، غريب آباد ٿاڻي تي اي ايس آءِ هوا، وومين ٿاڻي تي اي ايس آءِ فهميده، ڊگھڙي ٿاڻي تي اي ايس آءِ عمرانه جڏهن ته جھڏو ٿاڻي تي اي ايس آءِ افسانه کي وڏو منشي مقرر ڪيو آهي ميرپورخاص ضلع جي پوليس جي تاريخ ۾پهريون ڀيرو اهم ٿاڻن تي عورت پوليس اهلڪار کي بطور وڏو منشي مقرر ڪرڻ جا آرڊر جاري ٿيڻ بعد مقرر ڪيل عورت پوليس اهلڪارن پنهجيون ڊيوٽيون جوائن ڪري ڪم شروع ڪري ڏنو آهي جنهن کي عوام پاران خوشگوار تبديلي طور محسوس ڪيو پيو وڃي.

  •  ميهڙ ۾ موٽروي پوليس پاران حادثن کان بچاءُ لاءِء جاڳرتا  تقريب

ميھڙ (ن ع آ)  آءِ جي موٽروي پوليس خالد محمود جي خاص هدايتن تي حادثن ۾ ڪمي ۽ روڊ بابت قانون جي خلاف ورزين کي گهٽائڻ  واري مهم جي سلسلي ۾ موٽروي پوليس پاران ميهڙ ڀرسان انڊس هاء وي تي مهم جي شروعاتي تقريب ڪوٺائي وئي،تقريب ۾ موٽروي پوليس جي سيڪٽر ڪمانڊر عطاء الرحمان ۔ ڊي ايس پي موٽروي نعيم غوري ۔ ڊي ايس پي عبدالصمد ابڙو ۔ ڊي ايس پي خالد نواز شيخ ۔ ڊي ايس پي ديدار جکراڻي سميت وڏي تعداد ۾ موٽروي پوليس جي آفيسرن حصو ورتو،ان موقعي تي مهم ۾ ڪيترين ئي موٽرسائيڪل سوارن کي هيلمٽ ڏئي سائيڊ ڏسڻ وارا شيشا لڳايا ويا جڏهن ته مسافرن گاڏين کي فوري طبي امداد واريون ڪٽ ڏنيون ويون، ان موقعي تي موٽروي پوليس جي سيڪٽر ڪمانڊر عطاء الرحمان ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ۾ روڊ حادثن جو شڪار ٿيندڙن ۾ موٽرسائيڪل سوارن جو تعداد وڌيڪ آھي جنهن جو مک سبب پويان ڏسڻ وارا شيشا نه هجڻ ۽ هيلمٽ جو استعمال نه ڪرڻ آھي هنن چيو ته روڊ تي حادثن کي گهٽائڻ لاء ماڻهو روڊ جي قانون تي عمل ڪن ۽ موٽروي پوليس سان تعاون ڪن ته جيئن حادثا گهٽائي سگهجن جنھن تہ موٽروي پوليس پاران فليگ مارچ پڻ ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.