راڌڻ ۾ فوت ٿي ويل عورت جي قبرڪشائي، جزا ورتا ويا

راڌڻ(ن ع آ)راڌڻ جي رانگڙ محلي ۾ ٽي مھينا اڳ مبينا فوت ٿيل عورت نورجھان عرف نوران جي مڙس نياز خاصخيلي جي فرياد تي ميھڙ جي سول جج مجيب الرحمان ڦلپوٽو جي حڪم تي حيدرآباد کان آيل ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر وسيم ڊاڪٽر مھوش شيخ جي نگراني ۾ ميڊيڪل ٽيم قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا  ياد رھي ته مبينا فوت ٿيل عورت نورجھان جي پيء غلام عباس ميراڻي سندس فوت ٿيڻ تي دانھيو ھو ته منھنجي ڌي مٿان سندس مڙس ست اٺ مھينا اڳ تشدد ڪيو ھو جنھن ۾ ھو فوت ٿي وئي ھئي جنھن کانپوء الزام ھيٺ آيل نياز خاصخيلي جي ڀينرن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو اسان جي ڀاڄائي 6 مھينا ڳورھاري ھئي ان کي سندس پيء پنھنجي گهر وٺي ويو جنهن جو اتي حمل ضايع ڪرايو ويو جنھن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي ھئي ۽ اڄ ڪورٽ جي حڪم تي سندس مڙس جي فرياد تي راڌڻ جي مسافر پير قبرستان ۾ عورت جي قبر ڪشائي ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.