پيٽروليم جي اگهن ۾ وري خوفناڪ واڌ، ڪجهه سوال ڪجهه جواب

شهباز شريف جي اتحادي سرڪار پيٽروليم جي اگهن ۾ ڪجهه ڏينهن اندر ٽيهر وڏو اضافو ڪري حقيقي معنيٰ ۾ ريڪارڊ مهانگائي ڪندي عوام جي معاشي چيلهه ئي ڀڃي ڇڏي آهي. آخري ڌڪ طور پيٽرول ۾ وڌيڪ 24 روپيا ۽ ڊيزل ۾ 59 روپين جي واڌ ڪئي آهي. جڏهن ته ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌي ويون آهن جيڪا اسان جي مجبوري آهي. عوام جي تڪليف جو احساس آهي پر قيمتون هر قيمت تي وڌائڻيون پونديون. اڳتي هلي حالتون بهتر ٿيون ته عوام کي رليف ڏينداسين. هن چيو ته ان ڪري ملڪ جي غريب طبقي کي ماهوار 2 هزار روپيا ڏئي رهيا آهيون. غريب ماڻهو 786 نمبر تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلين ته کين رقم ملندي. هن چيو ته ڪجهه مهينا مشڪل آهن اميد آهي ته جلد بحران مان نڪري وينداسين.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت ان کان اڳ مئي جي آخر ۾ ۽ 2 جون تي پيٽروليم جي قيمتن ۾ ٽيهه ٽيهه روپيا في ليٽر اضافو ڪري چڪي آهي موجوده حڪومت اهو به چوندي رهي آهي ته اسان پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت جي آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي تحت هلڻ جا پابند آهيون. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جو موقف رهيو آهي ته آءِ ايم ايف جي معاهدي ۾ اهو ناهي لکيل ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ هيترو واڌارو آڻيو. انهن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي اتحادي حڪومت پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو نالو استعمال ڪري رهي آهي. هنن جي دعويٰ آهي ته اسان آءِ ايم ايف جي شرطن تي مڪمل طور تي نه پيا هلون تنهن ڪري عوام کي رليف پئي مليو جيڪو موجوده حڪومت جي اچڻ سان ختم ٿي ويو آهي ۽ ايئن ملڪ کي سريلنڪا جي رستي تي نيو پيو وڃي.

هوڏانهن ڊالر جي اگهه ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي جيڪا لهڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي جنهن نتيجي ۾ عوام مهانگائي جي جنڊ ۾ مسلسل پيسجي رهيو آهي. هاڻي ان صورتحال ۾ ڪيترائي سوال اٿن ٿا. ڇا آءِ ايم ايف سان معاهدو اڻٽر آهي، ڇا اهو ختم نٿو ڪري سگهجي، ڇا آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ وڃڻ جي اجازت اسيمبلي مان ورتي وئي هئي، ڇا ان پروگرام کي جاري رکڻ موجوده حڪومت مٿان اولين شرط هو، ڪٿي ائين ته ناهي ته عمران خان جي حڪومت به آءِ ايم ايف جون مڪمل شرطون نه مڃڻ سبب ختم ڪئي وئي، ڇا موجوده حڪومت کان اهو پڇيو ويو هو ته اها آءِ ايم ايف جي پروگرام تي هلي سگهندي يا نه، ڇا حڪومت پاڻ ان پروگرام تي هلڻ جو راضپو ڏيکاريو هو. انهن سوالن سان گڏ مختلف حلقن، معاشي ماهرن توڙي صحافين ۽ ميڊيا وٽان ڪجهه تجويزون به پش ڪيون پيون وڃن، حڪومت کي صلاحون به ڏنيون پيون وڃن ڇا حڪومت کي انهن تجويزن ۽ صلاحن جي ضرورت آهي به يا نه- ڇا حڪومت کي عوام جو واقعي به احساس آهي يا نه، ڇا شهباز شريف جي حڪومت کي عوام مٿان مهانگائي جو بار وجهڻ جي خوفناڪ نتيجي جو ڪو خطرو آهي يا نه- اهي معاملا به گهڻو ڪجهه سوچڻ ۽ سمجهڻ تي مجبور ڪن ٿا.

هڪ عام تاثر اهو به آهي ته جيڪڏهن حڪومت عوام سان سچي هجي ۽ ان مٿان معاشي بار نه وجهي ته ڪيترائي متبادل رستا آهن. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته جيڪڏهن حڪمران سادگي اختيار ڪن، پنهنجا شاهي ۽ اجايا يعني غير ضروري خرچ گهٽائين ته آءِ ايم ايف کان جيڪر قرض وٺڻ جي به نوبت نه اچي. سو جيڪڏهن ڪير حڪومت کي ٻيون تجويزون ڏئي ٿو ته سرڪار کي ان تي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي. ڇا اهو ممڪن آهي ته حڪومت ملڪ جي وڏن معاشي ماهرن جي هڪ ڪانفرنس گهرائي ۽ عوام تي معاشي بار وجهڻ کانسواءِ ڪي حل وٺي.

جيڪڏهن ملڪ واقعي به ڏيوالي جي ڪنڌي تي آهي، شديد معاشي بحران ۾ آهي ته ان جو بار اڪيلي سر غريب عوام ڇو کڻي، امير طبقي کي جنهن ۾ حڪمران به اچي وڃن ٿا سي هيل قرباني ڇو نه ڏين. ڇا هن مسئلي جو حل صرف ۽ صرف هر پندرهين ڏينهن پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ ئي آهي ۽ بس- اهو موقف يا پاليسي ته ٿي وفاقي حڪومت ۽ ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل جي پر جيڪڏهن معاشي ماهرن جي ٽيم وٽ ان مسئلي جو ڪو اهڙو حل هجي جنهن ۾ عوام تي سڌو سنئون بار نه پوي ته حڪومت کي ان پاسي وڃڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي.؟ ناڻي جو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل هڪ ئي مسئلي جو آخري جواب ناهي، حڪومت کي ٻين آپشن ڏانهن ۽ معاشي ماهرن جي ڏنل ٻين تجويزن ڏانهن به وڃڻ گهرجي. اهو طئي آهي ته مفتاح اسماعيل وٽ جيڪو حل آهي يا جيڪا پاليسي آهي سا حرف آخر ناهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته موجوده معاشي بحران جو بار ملڪي حڪومت، ان جا ادارا ۽ حڪمران کڻن. جيڪڏهن سبسڊي ڏيئڻي آهي ته حڪومت کي سئو سيڪڙو اها سبسڊي ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي ۽ حڪومت کي ليڊ فرام دي فرنٽ پاڻ کان سادگي اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن مان عوام کي نظر اچي ته واقعي به ملڪ ڏيوالي جي ڪنڌي تي آهي ۽ ان معاشي بحران ۾ پنهنجا شاهي خرچ گهٽائي پهرين قرباني حڪومت پاڻ ڏني آهي پوءِ ممڪن آهي ته عوام حڪومت جي موجوده معاشي پاليسي کي سمجهڻ جي ڪوشش به ڪري، ٻي صورت ۾ عوام ۽ حڪومت مخالف جماعتون يقيني طور تي شديد ردعمل ظاهر ڪنديون ۽ شديد احتجاج ڪنديون ان کان اڳ جو حالتون صبر ۽ ضابطي کان نڪري وڃن حڪومت معاشي ماهرن جي هڪ ٽيم ٺاهي نئين سري سان معاشي پاليسي ٺاهي جنهن ۾ غريب عوام بدران ملڪ جو امير طبقو هيل قرباني ڏئي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.