بجيٽ کان بي خبر ڌرتي ڌڻي

ڌرتي جا اصلوڪا رهواسي، موهن جي دڙي جا وارث، سنڌ ۾ امن، پيار، پنهنجائپ، همدردي، محبت، معاشري، ثقافت، هم آهنگي جي تاريخ جا معتبر ۽ محترم ڪردار، سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ ۽ حيثيت جا رکوالا، ڌرتي تي حملي آورن سان مهاڏو اٽڪائي جيئڻ ۽ غلامي ۾ ئي سهي، مگر انهي سان وفا ڪندي گذاريندڙ درياءُ بادشاهه ۽ ڌرتي ماتا جون پوڄائون ڪندي گذاريندڙ، ڌرتي جي خوشحالي ۽ شادابي لاءِ هميشه ورت رکندڙ، هٿ مٿي کڻي در ڌڻي ٻاڏائيندڙ، سنڌ جا ڌرتي ڌڻي ۽ هاڻوڪي دور جا خانه بدوش، لاڏائو، پيڙھيل ۽ پوئتي پيل، شيڊول ڪاسٽ، اڇوت، بنجارا، رولاڪ، پينو، ڀٽڪندڙ، ويراڳي، جوڳي، سنياسي ۽ لاڏائو قبيلا سامي، ڪبوترا، رٻاري، گرگلا، جت، باگڙي، لوهار، ڪنڀار، مڱڻهار، سوچي، ٻڙها، مهاڻا، ڀيل، ڪولهي، اوڏ، ميگهواڙ وغيره آهن.

ڌرتي ڌڻي هر سال جي بجيٽ جيان هن سال به بي خبر رهيا توڻي جو وفاقي سرڪار جي وفاقي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل مالي سال 2022-23 لاءِ 95 کرب حجم جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي جنهن مطابق ڪل خرچن جو ڪاٿو 9 هزار 502 ارب رپيا آهي. قرض ڏيڻ جي مد ۾ 3 هزار 144 ارب رپيا، پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينت پروگرام لاءِ 800 ارب رپيا، ملڪي دفاع لاءِ هڪ هزار 1523 ارب رپيا، ٻيو ڳھڻو ڪجھھ لکيو ويو آھي ۽ ٻڌايو ويو آھي اعلان  ڪجھھ پڙھيل ماڻھن ضرور پڙھيا بھ ھوندا جڏھن تھ ملڪ جي اڪثريت نوجوانن، پورھيتن، ھارين، مزدورن، محنت ڪشن کي خبر .ئي نھ پئي ھوندي تھ اھيو بجيٽ آخر آھي ڪھڙي بيماري، (ڪاش بجيٽ جو نالو ڪرونا ئي رکو ھا تھ عام ماڻھو ضرور پڙھي، ٻڌي ۽ بحث ڪري سگھي) ساڳي ريت ڪجھھ ڏينھن کا نپوءِ سنڌ صوبي جي ناڻي واري وزارت جو قلمبندان رکندڙ مسلسل 10 سالن کان صوبائي بجيٽ پيش ڪندڙ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھھ پاران  17 کرب 13 ارب 58 ڪروڙ ٽيڪس فري بجيٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آھي،  هزارين نيون نوڪريون ڏيڻ جي پڻ دعوي ٿي وئي، 15 سيڪڙو سرڪاري ملازمن کي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جو سٺو ڪم به ٿيو، ان سان گڏ ٻڌايو ويو آھي تھ آبادگاردن ۽ غريبن لاءِ پڻ ڀلا اعلان ڪيا ويا آھن، جنھن تحت غريبن جي ڀلائي جي لاءِ 27 ارب رپين جو پيڪيج پڻ اعلان ڪيو ويو آھي،  ضلعن جي بجيٽ بھ ھر سال جيان ھيل بھ ساڳي 30 ارب رپيا رکي وئي آھي، نيون يونيورسٽيون ۽ ڪيمپس ٺاھڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آھي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت اربين رپيا جن کي اڳ ملندڙ آهن تن کي نصيب ٿيندا ۽ ڪجھھ اڃان بھ وڌيڪ عوام کي شامل ڪيو ويندو، اربين رپين جي ترقياتي اسڪيمن ۾ به وڏا ڀڀ ڀريا ويندا، توڻي جو ڪنهن غريب جي گهٽي نه جڙندي، سنڌ جي ثقافت کي بچائڻ لاءِ ڪروڙين رپين جا بل پاس ڪيا ويندا، غريبن کي گهر ٺاهي ڏيڻ لاءِ پڻ گهڻو ڪجهه پنن تائين محدود انگ اکرن ۾ لکيو ويو آهي.

هر سال جيان هيل به غريبن جي جهڳين ۽ جهوپن ۾ مينهن جا راڱا ئي رهندا، غريبن جا پوٺن ۽ پڌرن تي، جهر جهنگ ۾ جڙيل جهڳيون پاڻي جو ڏيک ئي ڏينديون، اتي ڪنهن به قسم جي گلي، روڊ بند نه ٻڌو ويندو، هر سال جيان هيل به تعيلم ۽ صحت جي شعبي ۾ بي پناهه بجيٽ رکي وئي آهي، پر هنن ماڻهن جون نياڻيون وري به تعليم جي سهوليت کان محروم هونديون، هنن جي گهرن ۾ فاقه ڪشي هنن جي ٻارن کي تعليم کان گهڻو پري رکيو ويٺي آهي، نه ئي وري ڪو موبائيل اسڪول جو اعلان ٿيل آهي جو هي خانه بدوش ۽ لاڏائو به پڙهي سگهندا، صحت جون سهوليتون وري به صحتمند ماڻهن کي تندرست ڪرڻ لاءِ آهن، اهڙيون سهولتون هر شهر ضلعي ۾ آهن، پر انهن مان ڪو به اهڙن ماڻهن کي فائدو نٿو رسي، جيڪي حقيقي صحت جي ضرورتمند آهن، انهن کي ته اسپتالن ۾ بيڊ نه نٿو ملي.

حڪومت وٽ انساني بنيادي حقن کي ڏيڻ بجاءُ انهن جي پوٺن پڌرن تي اڏيل جهڳين کي پڻ پٽيو ويندو، انهن جي اباڻين ملڪيتن تي اڳي جيان هر روز قبضا ڪيا ويندا، هي لاڏائو ڪراچي ۾ هزارين ريڙها هلائين ٿا، انهن کي ڪٿي به ويهڻ جي لاءِ اجهو ناهي، سرڪاري پلاٽن تي قبضا ڪرائيندڙ مافيا جون من مانيون پڻ سرڪاري سرپرستي ۾ انساني حقن جي آڙ ۾ ٿينديون رهن ٿيون، هنن جي ننگن ۽ دنگن ۾ هر روز نظرون رهن ٿيون ، هي ڪهڙي رياست آهي، هي ڪهڙو قانون آهي، هي ڪهڙي بين القوامي اقوامه متحده جي ڊڪليئريشن جي خوشفهمي آهي، جنهن تحت انساني حقن جون ڀڃڪڙيون اڳ کان اڳڀريون ٿينديون رهن ٿيون، غربت گاٽي چڙهي ٿي، بيروزگاري وڌندي رهي ٿي، گهرن جا لوڙها، جهڳيون، ڊاٿيون وڃن ٿيون، ننگن  ۾ نظرون وڌيڪ تيز ڌارن جيان وڌنديون رهن ٿيون، مفلسي محروميون، ۽ مايوسيون بي پناهه ترقي ڪن ٿيون، ثقافت کي ماريو وڃي ٿو، امن جي پکين کي موت جي ننڊ سمهاريو وڃي ٿي.

سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ اقوام متحده کان ڌرتي جا اصلوڪا رهواسي، سنڌ جا پر امن خانه بدوش، لاڏائو، پيڙھيل  ۽ پوئتي پيل طبقا، ذاتيون ۽ قبيلا هزارين سالن جي تهذيب ۽ ثقافت جا وارث گهر ڪن ٿا ته هنن کي رياست پنهنجي ذميوارين سبب رهڻ لاءِ زمينن جو اعلان ڪري، جيڪر ڌارين کي ڪالونيون ڏنيون وڃن ٿيون، ڌارين کي سوسائيٽيون ٺاهي ڏنيون وڃن ٿيون، ته ڌرتي ڌڻين ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي .

ڪشور ڪمار آسواڻي نهٽو ٿر

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.