بي رحمي سان قتل ڪيل علي رضا آرائين جي لاش جا پيرا کڄن ٿا

14 اپريل 2022 تي (12 رمضان المبارڪ) جي شام جو پوليس کي شھر ٽنڊوالھيار کان 10 ڪلوميٽر فاصلي تي بي سيڪشن ٿاڻي جي حدن اندر، تاجپور نصرپور روڊ تي ڪيلي جي باغ مان ھڪ اڻڄاتل شخص جي لاش ملڻ جي خبر ملي ٿي. اھڙي اطلاع بعد ايس ايس پي ٽنڊوالھيار پوليس اٽالي سان جاءِ واردات تي پھچي نامعلوم شخص جي لاش کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پھچائي پوسٽ مارٽم ڪرائي ٿو. مقتول جي نراڙ ۽ جسم تي گوليون لڳل ھيون. مقتول جا فنگر پرنٽ وٺي جانچ جو عمل شروع ڪيو وڃي ٿو.

پوليس کي خبر پوي ٿي ته مقتول جو نالو علي رضا ولد عبداللطيف آرائين آھي جيڪو ضلعي بدين جي شھر ٽنڊو باگو جي وارڊ نمبر 4 جو رھواسي ھو. پوليس مقتول جي والد سان رابطو ڪري کيس گھرائي ٿي جيڪو ٽنڊوالھيار پھچي سڃاڻپ ڪري پنھنجي مقتول پٽ علي رضا جو لاش وصول ڪري ٿو. پوليس اڻڄاتل جوابدارن خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي ايف آءِ آر درج ڪري جانچ جو سلسلو شروع ڪري ٿي.

مقتول جو خانداني پس منظر ۽ ٻيون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ ٽنڊوالھيار پريس ڪلب جي صحافين جو ھڪ وفد ٽنڊو باگو پھچي ٿو ۽ اتي جي مقامي صحافين جي مدد سان مقتول جي والد عبداللطيف سان ملاقات ڪري کائنس وڌيڪ ڄاڻ وٺي ٿو. مليل ڄاڻ مطابق مقتول علي رضا نواب شاھ مان  پسند جي شادي ڪئي ھئي جنھن تان ناراض ٿي والد کيس گھران ڪڍي ڇڏيو ھو. جڏھن ته پٽ جي پٺڀرائي ڪرڻ سبب ھن پنھنجي زال ۽  مقتول جي والده کي پڻ طلاق ڏيئي ڇڏي ھئي. بعد ۾ نه رڳو مقتول جي والد بدين مان ٻي شادي ڪري ڇڏي پر مقتول جي والده پڻ طلاق کان پوءِ ٻي شادي ڪري ڇڏي. جڏھن ته بعد ۾ مقتول پنھنجي ماءُ سان گڏ رھندو ھو. مقتول به بعد ۾ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڇڏي ھئي جنھن مان مقتول کي 8 سالن جو ھڪ پٽ پڻ آھي. مقتول جون ڀيڻون ته آھن پر سندس ڪوبه ٻيو ڀاءُ نه ھجڻ سبب ھيءَ پيءُ جو اڪيلو پٽ ھو. وڌيڪ اھو به ٻڌايو ويو ته علي رضا جي قتل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل ۽ گرفتار عورت تمثيل آرائين مقتول جي سئوٽ ھئي ۽ ٽنڊو جان محمد جي رھواسڻ ھئي جنھن کي مقتول ڪجهه ڀيرا پنھنجي والده سان ملائڻ لاءِ ٽنڊو باگو پڻ وٺي آيو ھو.

ايس ايس پي ٽنڊوالھيار علي رضا جي 14 اپريل تي ٿيل قتل کان پوءِ ھڪ ھفتي بعد 22 اپريل 2022 جي شام سندس آفيس ۾ پر ھجوم پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ھو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حدن اندر ڪيلي جي باغ مان مليل اڻڄاتل شخص جو گوليون لڳل لاش مليو ھو. لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش جا فنگر پرنٽ ورتا ويا ھئا، پر لاش جي تحويل مان ڪابه اھڙي ڪابه اھڙي شئي نه ملي ھئي جنھن مان مقتول بابت ڪا ڄاڻ ملي سگھي. پوليس پاران جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي بنيادن تي فنگر پرنٽ جي مدد سان جڏھن ھن قتل ڪيس تي ڪم شروع ڪيو ويو ته ڄاڻ ملي.

ايس ايس پي مطابق ڊي ايس پي سٽي عبدالقادر ميمڻ جي سربراھي ۾ سي آءِ اي انچارج محمد ياسين ٽڳڙ، سب انسپيڪٽر حماد آخوند، ايس او بي سيڪشن غلام حيدر بروھي ۽ اي ايس آءِ الهھ وسايو نھڙي تي مشتمل ھڪ ٽيم ٺاھي وئي. مختلف رخن سان ڪيل جانچ کان پوءِ اھم انڪشاف سامھون آيا. خبر پئي ته ھن قتل ڪيس ۾ قانون جو ھڪ رکوالو ۽ انسپيڪٽر پوليس به شامل آھي.

ايس ايس پي مطابق پوليس کي گرفتار ڪيل تمثيل عرف زوبي بنت محمد سليم آرائين جانچ دوران ٻڌايو ته علي رضا کيس جنسي طور تشدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي جيڪا ڳالهه ھن پنھنجي دوست پوليس انسپيڪٽر اسد نبي کچي کي ٻڌائي، جنھن سان گڏجي علي رضا کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. 14 اپريل تي مون (تمثيل) علي رضا کي نوڪري ڏيارڻ جي بھاني ٽنڊوڄام يونيورسٽي وٽ گھرايو ۽ خود ڪوچ ذريعي ٽنڊوڄام آيس. جڏھن ته مقتول کان نوڪري لاءِ 8 لک روپيا اڳ ۾ ئي وصول ڪيا ويا ھئا ۽ باقي 4 لک روپيا وٺڻا ھئا.

سوشل ميڊيا تي ھلندڙ خبرن مطابق لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ھڪ بااثر سياسي شخصيت قاتل پوليس آفيسر بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آھي جنھن بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ سياسي ۽ سماجي شخصيت کي اھو ٽاسڪ ڏنو آھي ته ڪنھن به طرح  علي رضا جي ماء ۽ پيء کي ٺاھ لاءِ راضي ڪيو وڃي. ٻئي طرف تمثيل سان ڀاڻيجي جو رشتو ھجڻ سبب مقتول جي والد عبداللطيف آرائين تي خانداني طور به اھڙو دٻاءُ آھي پر ھو اڃا تائين ان ڳالهه تي بيٺل آھي ته سندس پٽ کي نھايت بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي تنھنڪري باقي گھربل جوابدارن کي  به گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي.

ھن سڄي پس منظر ۾ سامھون آندل واقعن جي بنياد تي لکيل تحرير جو مقصد مقتول توڙي الزام ھيٺ آيل ڌرين مان ڪنھن جي به دل آزاري ڪرڻ يا کين ايذائڻ ناھي. ان لاءِ ھرحال ۾ انصاف جي جملي تقاضن کي قانون جي ڪسوٽي تي پوري طرح پرکي مقتول جي وارثن کي فرضي نه پر حقيقي انصاف فراھم ڪيو وڃي ته جيئن ھن قتل ڪيس ۾ ملوث اصل ڪردار ئي پنھنجي منطقي انجام تائين پھچن. ڇوته ھي ھڪ انسان جي قتل جو واقعو آھي ۽ ان لاءِ انتھائي ضروري آھي ته ھرحال ۾ پوليس جانچ توڙي پراسيڪيوشن کي مڪمل غير جانبداري سان اڳتي وڌڻ گھرجي ته جيئن ٻنھي ڌرين کي شفاف انصاف پلئه پوي ۽ ٻنھي ڌرين مان ڪنھن سان به ڪا اخلاقي توڙي قانوني ناانصافي نه ٿئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.