پوءِ آئين جي آرٽيڪل 6 کي ختم ٿيڻ گهرجي؟ 

تحرير؛ سجاد ٻرڙو

جنهن وقت کان پرويز مشرف جي واپسي جي حوالي سان سيڪيورٽي ادارن جي ترجمان طرفان ”چٽو موقف“ جاري ڪيو ويو آهي، ان وقت کان ڪنهن به سينيئر سياستدان، دانشور يا صحافي ايترو چٽو موقف ناهي ڏنو جيڪو سينيئر صحافي مطيع الله جان ڏنو، ڇاڪاڻ ته ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا جي مدد سان ماڻهن کي "سازشي خط” واري ٽرڪ جي بتيءَ پٺيان لڳائي ان تي بحث مباحثا ڪرائي پرويز مشرف جي واپسي واري اهم ترين مامري تان ڌيان هٽائڻ واري ڪوشش گهڻي حد تائين ڪامياب ٿيندي نظر پئي اچي.! جنهن لاءِ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي "ترجمان” جي مقابلي ۾ پهريان پي ٽي آءِ جي سيڪنڊ قيادت ۽ هاڻي چيئرمين کي ميدان تي لاٿو ويو، پر ٻئي طرف وري ”آزاد سوشل ميڊيا“ ان اشو تي به پاڻ ملهايو ۽ پرويز مشرف واپسي وارو اشو ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو.

۽ اهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿيو جڏهن اڳوڻي آمر جي واپسي واري مامري بابت هن ملڪ جي ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ(ٽئي ڀيرا کيس مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو) ميان نواز شريف جڏهن سيڪيورٽي ترجمان جي ”حڪم نامي“ کي لبيڪ ڪندي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان پنهنجي پارٽي کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو ته ”پرويز مشرف سان ڪو ذاتي تڪرار ناهي، نه ٿو چاهيان ته پنهنجي پيارن جا جيڪي صدما مون برداشت ڪيا، ٻئي ڪنهن کي برداشت ڪرڻا پون، سندس اهڙي بيان تي تنقيد ڪندي سينيئر صحافي مطيع الله جان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”اوهان پاڪستان جي آئين ۽ فوجي آمر جي وچ ۾ ٺاھ نه ڪرايو، هي ڪنهن جو خانداني جهڳڙو ناهي، نه ئي وري آئين ۽ ملڪ جي سزا ماڻيندڙ غدار کي معاف ڪرڻ جو حق شريف خاندان وٽ آهي، جيڪڏهن اوهان جي حڪومت آئين جي غدار کي اعزاز سان رخصت ڪيو ته اها منافقت ۽ ووٽ جي بي حرمتي ٿيندي.“

جيتوڻيڪ اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان به سينيٽ اجلاس ۾ ڪجهه حقيقتون بيان ڪيون پر سينيئر صحافي مطيع الله جان جا لفظ حقيقت ۾ وڏي اهميت رکن ٿا ته هي ڪو ذاتي يا خانداني جهڳڙو ناهي، نه ئي وري ڪنهن فرد واحد کي اهڙو ڪو اختيار هئڻ گهرجي جو اهو ملڪي آئين ۽ عدالتي فيصلي موجب غدار قرار ڏنل ڪنهن شخص لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ واريون هدايتون جاري ڪري، پر بدقسمتي سان پياري پاڪستان ۾ ڪجههه به ممڪن آهي سو اهو نواز شريف جيڪو ڪجهه مهينا اڳ تائين ”ووٽ کي عزت ڏيو“ واري بيانئي تحت سرگرم هيو، هاڻي هن کان اهڙو بيان جاري ڪرايو ويو آهي، جنهن جي تشريح ميميز تيار ڪندڙ ڪجهه هن ريت ڪن ٿا ته ”بوٽ کي عزت ڏيو.“

آسمان به ڪهڙا ڪهڙا رنگ مٽائي رهيو آهي جو هڪ اهڙو شخص جنهن ملڪي آئين ۽ پنهنجي حلف سان غداري ڪندي هڪ چونڊيل وزيراعظم جي تذليل ڪرائي کيس جيل ڀيڙو ڪيو، جنهن ملڪ کي پرائي باھ ۾ اڇلايو ۽ ان جي رد عمل ۾ دهشتگردي جي مختلف واقعن دوران 70 هزار جي لڳ ڀڳ عام شھري ۽ فوجي شھيد ٿيا، جنهن لسانيت جي نانءَ تي دهشتگردي جا نوان ريڪارڊ قائم ڪندڙ پر 97ع واري آپريشن کان بعد پويان پساھ کڻندڙ ڪاريهر نانگ کي ٻيهر جيئدان ڏئي 12 مئي 2007ع ۾ عام شهرين جو قتل عام، 9 اپريل 2008ع تي وڪيلن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ زنده ساڙڻ، 22 مئي 2012ع تي محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪري ڌرتيءَ ڌڻين جو قتل عام ڪرڻ، 11 سيپٽمبر 2012ع تي بلديا فيڪٽري سانحي ۾ اڍائي سئو عورت ۽ مرد مزدورن کي زنده ساڙڻ سميت ڪيترن ئي ڏوهن ۾ برابر جو ڀاڱي ڀائيوار بڻيو، جنهن جي دور ۾ بينظير ڀٽو جهڙي برک سياستدان قتل ٿي، عافيه صديقي سميت ڪيترين ئي عورتن، ٻارڙن ۽ مردن کي ڊالرن عيوض آمريڪا حوالي ڪيو ويو (۽ اهڙو اعتراف هن پنهنجي ئي لکيل هڪ ڪتاب ۾ وڏي فخر سان ڪيو) ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪارا ڪارناما سندس نالي جي اڳيان لکيل هجن، ان جي حمايت ۾ ملڪ جو هڪ خاص ادارو به ميدان ۾ اچي وڃي ۽ وري ان جي ڪجهه ڪلاڪن دوران ئي ان شخص جي مختلف ظلمن جو شڪار ۽ ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جون دانهون ڪوڪون ڪندڙ ماڻهو به ملڪ جي آئيني، عدالتي ۽ جمهوري گُهرجن کي نظر ۾ رکڻ بدران چئي ڇڏي ته ”صاحب“ جي واپسي واري رستي مان رنڊڪون هٽايو ته پوءِ اهڙي سوچ تي افسوس جو اظهار ڪرڻ وارا لفظ به انتهائي هيچ پيا محسوس ٿين.

سيڪيورٽي ادارن جي ترجمان هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي آمر پرويز مشرف بابت جيڪي ڳالهيون ڪيون، ان تي به هڪ نظر لازم وجهڻ گهرجي، جيئن صاحب فرمايو ته ادارو ۽ ان جي قيادت جي خواهش آهي ته پرويز مشرف کي ڏيهھ واپس آندو وڃي ۽ ان حوالي سان فيصلو ڊاڪٽرن ۽ خاندان کي ڪرڻو پوندو، هاڻي انهن لفظن تي ڪا ”توريل تڪيل راءِ“ ڏجي ته اها هي ٿيندي ته ڳالهه صرف واپسي واري خواهش تائين محدود ناهي، ان کان به اڳتي وڌي اها ڳالهه اڳوڻي آمر جي طبعي موت جو باضابطا اعلان ٿيڻ کان پوءِ کيس پوري اعزاز سان دفنائڻ جي خواهش آهي، جيئن ان عدالتي فيصلي کي مڪمل ريت ٿڏي ڇڏجي، جنهن ۾ هڪ آمر کي سخت واجب سزا ٻڌائي وئي هئي (هتي هڪ اهم ترين ڳالهه ياد ڪرڻ ضروري آهي ته سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جڙيل 3 رڪني بينچ جي فيصلي کي وري هڪ ماتحت عدالت طرفان رد ڪرائي پاڻ مٿان جڳ کلايو ويو هو.)

هاڻي جڏهن ملڪي آئين ۽ ملڪ جي اعلي عدليه جي فيصلي تحت هڪ غدار قرار ڏنل شخص کي عزت ۽ احترام سان واپس آڻي.

هاڻي ته پوءِ قومي اسيمبليءَ ذريعي ملڪي آئين منجهان آرٽيڪل 6 کي پڻ اتفاقِ راءِ سان ختم ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان طريقي سان ماضي جي هر آمر جا داغ به صاف ٿي ويندا ۽ اڳتي ڪنهن به آمر هٿيارن جي زور تي سمورا اختيار حاصل ڪري ورتا ۽ اڻ ڄاتل مدي تائين ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بڻجي ويهي رهيو  ته ان صورت ۾ به ملڪ جي آئين ۽ قانون جي ”عزت“ برقرار رهندي ۽ ڪنهن کي به ملڪي ادارن توڙي شخصيتن تي پڻ تنقيد ڪرڻ جو موقعو ئي نه ملندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.