اداڪارا شهزين راحت بيماري جو ٻڌائيندي روئي ڏنو !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا شهزين راحت مداحن کي پنهنجي بيماري بابت ٻڌائيندي ڳوڙها ڳاڙي ويٺي.

تازو سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ شهزين ٻڌايو ته دوستو اوهان کي خبر ناهي ته ڪير زندگي ۾ ڪهڙي ڏکيائي مان گذري رهيو آهي، ان لاءِ ماڻهن سان همدردي سان پيش اچو.

اداڪارا چيو ته اسان دنيا ۾ هڪ هڪ ٻئي لاءِ محبت ۽ برداشت جا جذبات پيدا ڪري ماڻهن جي زندگي آسان ڪري سگهون ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته هن وڊيو جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ذهني دٻاءُ ڇا هوندو آهي ۽ مان ان کي ڪهڙي ريت منهن ڏيان ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.