پيٽرول مهانگو ٿيڻ تي ميهڙ واسي روڊن تي نڪري آيا

پيٽرول جي اگهن ۾ گذريل ڏينهن واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ ميهڙ جي واپارين ۽ سول سوسائٽي طرفان سخت رد عمل ڏيندي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

واپاري اڳواڻن جي سڏ تي عبدالخالق شيخ ۔ شير محمد آڳرو ۔ سعيد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

مظاهرين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت هڪ مهيني اندر تيل جي اگهن ۾ 3 ڀيرا واڌ ڪري عوام کان ماني به کسي ورتي آهي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته  زرعي پاڻي جي کوٽ سبب فصل نه ٿي سگھيا آھي جڏهن ته آبادگار آپگهات ڪرڻ تي مجبور آھن

هنن گهر ڪئي آھي ته پيٽرول سستو ڪرڻ سان گڏوگڏ مهانگائي تي ضابطو آڻي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.