مٽياري ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان سيمينار

گورنمينٽ بوائز ھائي اسڪول مٽياري ۾ سنڌ اندر نياڻين جي تعليم ۾ پيش ايندڙ مسئلا جي عنوان هيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو جنهن کي مقررن خطاب ڪندي چيو ته مسئلن جي حل لاءِ سفارشون سنڌ حڪومت کي پيش ڪيون وينديون.

ريجنل ڊائريڪٽر محتسب آفيس حيدرآباد عبدالوهاب ميمڻ چيو آهي ته سنڌ اندر نياڻين جي تعليم ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ مسئلن جي حل لاءِ تعليمي ماهرن، تعليم کاتي جي عملدارن، تعليم جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمن تي ٻڌل ٽاسڪ فورس جوڙڻ جون سفارشون سنڌ حڪومت کي پيش ڪيون وينديون ته جيئن نياڻين کي تعليم جي زيور سان سنواري قوم کي روشن مستقبل ڏيئي سگهجي.

هن چيو ته تجويز ڪيل ٽاسڪ فورس حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعن جي اسڪولن جو تفصيلي دورو ڪري تعليمي ادارن اندر پيش ايندڙ مسئلن بابت جامع رپورٽ ترتيب ڏيندي ۽ مسئلن جي حل لاءِ جامع رٿابندي جون سفارشون جوڙيندي جيڪي اعليٰ اختيارين تائين پهچائي نياڻين جي تعليم ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.