سيوهڻ ۾ مڪاني چونڊن جو دنگل، وڏي انگ ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا

سيوهڻ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سرگرميون تيز ٿي ويون آهن جڏهن ته ڪيترن ئي اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

ميونسپل ڪاميٽي سيوهڻ جي 15 وارڊز تي 154 اميدوارن نامزدگي فارم آر  او آفيس ۾ جمع ڪرايا.

ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد جي 8 وارڊن تي 73 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا جڏهن ته تعلقي سيوهڻ جي 10 يوسيز تي چيئرمين، وائيس چيئرمين، ضلعي ڪائونسل توڙي يوسي ڪائونسلر جي سيٽن تي ٽوٽل 389 نامزدگي فارم جمع ٿيا.

ضلعي اليڪشن ڪمشنر عبدالقادر راجپوت جو چوڻ آهي ته اميدوارن جي اسڪروٽني جو عمل سڀاڻي کان شروع ٿيندو جيڪو 19 جون تائين جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.