سنڌ حڪومت پاران تيل حاصل ڪرڻ لاءِ پام آئل جو وڏو منصوبو لڳائڻ جو فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ٺٽي ۾ هڪ ٻيو هزار ايڪڙن تي ٻڌل نئون پام آئل منصوبو لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ڪوسٽل ڊولپمينٽ واري وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي گورننگ باڊي جو 17هون اجلاس ٿيو.

صوبائي وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد علي ملڪاڻي، شاهينا بلوچ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري محمد حسن اقبال، ڊي سي بدين سميت مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

اسماعيل راهو کي ڊي جي ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جاري نون منصوبن تي بريفنگ ڏني، هن چيو ته ٻيلي کاتي ٻه هزار ايڪڙ زمين ڪوسٽل ڊلپمينٽ کاتي حوالي ڪري ڇڏي آهي.

صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته پام آئل منصوبي جي لاڳت 356 ملين هوندي ۽ 60 هزار وڻ لڳندا، پام آئل منصوبو هلندڙ سال لڳندو، تيار ٿيڻ کانپوءِ هر وڻ سراسري طور هڪ مڻ آئل ڏيندو.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي، جنهن سان ڪوسٽل بيلٽ تباهه ٿي چڪو آهي، ارسا طرفان زرعي پاڻي نه ملڻ سبب ٺٽي ۽ بدين جون هزارين ايڪڙ زمينون سمنڊ اندر وڃي چڪيون آهن.

هن ڪوسٽل بيلٽ کي بچائڻ لاءِ آفيسرن کي اڳتي جي حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي.

اسماعيل راهو چيو ته بجيٽ ۾ ٺٽي، ڪيٽي بندر، سجاول ۽ بدين لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون رکيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.