لمپي اسڪن ٻڪرين ۾ منتقل، ماڻهن لاءِ قرباني ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جانورن کي وڏي پئماني تي متاثر ڪندڙ بيماري لمپي اسڪن هاڻ ٻڪرين ۾ به منتقل ٿيڻ لڳي، جنهن کانپوءِ ماڻهن لاءِ قرباني ڪرڻ مسئلو بڻجي ويو.

چوپائي مال ۾ پکڙجندڙ بيماري جي حوالي سان ڊيري اينڊ ڪيٽل فارمرز ايسوسيئيشن (ڊي سي ايف) پاڪستان جي صدر جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ خيبر پخوتنخواهه جو وڏي پئماني تي چوپايو مال لمپي اسڪن ڊيزيز جو شڪار ٿي چڪو آهي.

شاڪر عمر گجر چيو ته جلدي بيماري جي پکيڙ روڪڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل اختيارين کي درخواست ڪئي وئي پر ڪو کڙتيل نه نڪتو، نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ بيماري پکڙجي وئي.

سندس چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ رڳو لائيو اسٽاڪ کاتي سنڌ بهتر ڪم ڪيو ۽ ويڪسين ڪئي آهي، پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ کاتن جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي.

شاڪر عمر گجر چيو ته پنجاب مان لمپي اسڪن ۾ مبتلا مال قرباني لاءِ آندو پيو وڃي، متاثر جانور سنڌ آڻڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.