منهنجي قتل جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي: حليم عادل شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سندس حياتي کي خطرو آهي.

اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ طرفان چيف جسٽس ، سنڌ اسيمبي اسپيڪر، آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري سميت ٻين ادارن کي خط موڪليو ويو.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن کان اپوزيشن ليڊر ٿيو آهيان مون تي 20 کان وڌيڪ ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا آهن

حليم عادل شيخ چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سندس فرنٽ مينن ذريعي پلان ٺاهيو آهي.

حليم عادل شيخ موجب لاڙڪاڻي، عمرڪوٽ، ملير ۽ نوابشاهه ۾ مون تي ۽ منهنجي ٽيم تي حملا ڪيا ويا.

هن چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول زرداري منهنجي خلاف دهشتگردي تحت ڪيترائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن.اڳواٽ داخل ڪيل گهڻو ڪري ڪيسن مان عدالتن ذريعي بري ٿي چڪو آهيان.

حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته سندس چوڻ هو ته ثبوت موجود آهن ته آصف علي زرداري قتل ڪرائڻ جو پلان ٺاهيو آهي، ٽاسڪ اينٽي ڪرپشن آفيسرن ۽ ڪرپٽ پوليس آفيسرن کي ڏنو ويو آهي، مون کي پوليس جي حراست ۾ قتل ڪرڻ جو پلان ٺاهيو ويو آهي جنهن کي هڪ حادثي جو رنگ ڏنو ويندو.

هن چيو ته مون کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سيد مراد علي شاهه هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.