پيپلزپارٽي جي ايم اين اي سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته اسان سدائين شرافت جي سياست ڪئي آهي ۽ عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين.
خان ڳڙهه ٽائون ڪاميٽي جي مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻين ۽ ميڙاڪن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان گهوٽڪي ۾ بنا فرق جي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، صنعتي ادارن مان ملندڙ اربين رپين جا ترقياتي ڪم پهريون ڀيرو ضلعي جي عوام تي سڌي ريت خرچ ٿي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته عوام جو جوش ڏسي ثابت ٿي ويو ته عوام اسان جي نامزد اميدوارن کي ڪامياب ڪندو ۽ 26 تاريخ تي اسان جي بيهاريل اميدوارن جي ڪاميابي يقيني ٿيندي.