اسلام ڪوٽ ۾ پي ايس ٽي اميدوارن جو تعليم کاتي خلاف احتجاج

اسلام ڪوٽ ۾ يو سي رورل جي پي ايس ٽي اميدوارن تعليم کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

لياقت علي بجير، آنند ڪمار، هوتچند سوٽهڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته يو سي جون 10 پي ايس ٽي پوسٽون ڀرواري يو سي ۾ منتقل ڪيون ويون آهن جيڪا ناانصافي آهي.

هنن چيو ته تعليم کاتي جي ويب سائيٽ تي 27 پوسٽون ظاهر ڪيل آهن جڏهن ته ست اميدوارن کي آفر آرڊر مليا آهن ۽ ٻيون پوسٽون ظاهر نه پيون ڪيون وڃن.

مظاهرين انصاف جو مطالبو ڪيو ۽ چتاءُ ڏيندي چيو ته انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڌرڻو هڻنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.