ڪوٽڙي ويجهو پورهيتن کان لکين رپين جي ڦر، احتجاج

ڪوٽڙي ويجهو پورهيتن کان اڻڄاتل هٿياربند هڪ لک رپيا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

ڍڳي فارم جي رهواسي مزدورن کان اڻڄاتل جوابدارن هٿيارن جي زور تي ڦرلٽ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا جڏهن ته پورهيتن احتجاج ڪندي ڪوٽڙي فلاءِ اوور کي بلاڪ ڪري ڇڏيو.

خدا بخش خاصخيلي، عزيز الله، غلام مصطفيٰ ۽ ٻين ڦر متاثرن ٻڌايو ته هٿياربندن چاليهه کان وڌيڪ پورهيتن جي مزدوري ڦر ڪئي آهي جيڪا واپس ڪرائي وڃي.

پوليس مظاهرين وٽ پهچي کانئن تفصيل ورتا جڏهن ته ڪافي دير کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.