پيٽرول مهانگو ٿيڻ تي پورهيتن رڪشن کي باهه ڏئي ڇڏي !

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) پيٽرول مهانگو ٿيڻ کانپوءِ پورهيتن پنهنجي ٻن رڪشن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

گذريل ڪجهه مهينن کان پيٽرول جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ ڪئي وئي آهي جنهن سبب ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي ۽ پورهيت طبقو پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.

گذريل ڏينهن پڻ پيٽرول مهانگو ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت ٻه سئو چوٽيهه رپيا ٿي وئي آهي جنهن تي عوام طرفان سخت رد عمل ڏنو پيو وڃي.

نوابشاهه ۾ ٻن پورهيتن پيٽرول مهانگو ٿيڻ خلاف احتجاجن پنهنجي رڪشن کي باهه ڏئي ڇڏي.

رڪشا يونين جي صدر رحمت الله پٺاڻ ۽ پرويز چيو ته پيٽرول 234 رپيا ليٽر آهي جنهن سبب ماڻهو رڪشي جي سوار نٿا ڪن ۽ وڌيڪ ڪرايو به ڏيڻ لاءِ تيار نه  آهن.

سندن چوڻ هو ته وزيراعظم پيٽرول مهانگو ڪري اسان جي ٻچن جي روزي بند ڪئي آهي، 500 رپيا ڏهاڙي ڪمائيندڙ ماڻهو گهر جو خرچ نٿا هلائي سگهون.

هنن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف حڪومت ڪرڻ جو اهل ناهي کيس جلد کان جلد استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

رڪشن کي باهه ڏيندڙن جو چوڻ هو ته اسان آپگهات تي مجبور  ٿي ويا آهيون، جيڪڏهن پيٽرول سستو نه ڪيو ويو ته ريلوي ٽريڪ بند ڪري ڇڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.