پاڪستاني ڪرشما ڪپور سان ملو !

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪرشما ڪپور بالي ووڊ جي خبصورت ۽ باصلاحيت اداڪارا آهي ۽ ڪپور ڪٽنب جي لاڏلي آهي.

اڪثر فنڪارن جا هم شڪل سامهون ايندا رهندا آهن پر هاڻي سوشل ميڊيا تي ڪرشما ڪپور جي هم شڪل پاڪستاني ناري حنا خان جون وڊيوز ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.

حنا خان جي شڪل ڪرشما سان ايتري ملي ٿي جو هر ماڻهو کيس ڏسي اچرج ۾ پئجي وڃي ٿو. حنا خان جي ڀيٽ ڪرشما ڪپور سان ڪندي سندس وڊيوز کي پسند ڪيو پيو وڃي ۽ سندس هڪ لک کان وڌيڪ فالوورز ٿي ويا آهن.

هڪ انٽرويو ۾ حنا خان چيو آهي ته هو ميڊيڪل جي شاگردياڻي آهي ۽ لنڊن ۾ رهي ٿي پر سندس ناني جو گهر پاڪستان ۾ آهي.

حنا خان موجب کيس اداڪاري جو شوڪ آهي  ان لاءِ هو ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهيندي آهي پر کيس اندازو ئي نه هو ته ڪرشما ڪپور طور مشهور ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.