اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڀر واري علائقي پنڊوريان ۾ درٻار پير چن ساهه جي ميلي ۾ جهولو ڪِرڻ سبب ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن موجب واقعو تيز آنڌاري سبب پيش آيو، آنداري سبب جهولو ڪِري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.