فوج ۾ عارضي ڀرتين تي ڀارتي عوام مڇرجي پيو، پرتشدد مظاهرا،ڪيئي ٽرينن کي باهيون

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ فوج ۾ ڀرتين جي نئين نظام تي احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا آهن، مختلف رياستن ۾ احتجاج ڪندڙن ڪيئي ٽرينن کي باهيون ڏئي ڇڏيون.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي رياستن، بهار، هريانه، مڌيه پرديش ۾ مظاهرين ڪيئي ٽرينن کي باهه ڏئي ڇڏي.

بهار ۾ احتجاج ڪندڙن سرڪاري عمارتن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بهار جي شهر نوادا ۾ بي جي پي جي آفيس کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو.

رپورٽن موجب بهار ريلوي اسٽيشنز تي پوليس جي واڌو نفري مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڇڪتاڻ سبب ڪيئي ٽرينن اچ وڃ بند ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن هريانه ۾ مظاهرين سرڪاري اهلڪارن جي گهرن تي پٿراءُ ڪيو جنهن کانپوءِ پلوال ضلعي ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي.

رپورٽن موجب ڀارتي فوج ۾ ڀرتي جي نئين نظام ۾ نوجوانن کي رڳو چئن ورهين لاءِ فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويندو، نئين نظام تحت نئين ڀرتي ٿيندڙ ۾ رڳو  چوٿين حصي کي ڊگهي مدت لاءِ فوج ۾ رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.