بختاور ڀٽو، پرويز مشرف خلاف سخت ترين بيان ڏئي سڀني جا هوش اڏائي ڇڏيا!

 

اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي ڏيهه واپسي جي معاملي تي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ڌيءَ بختاور ڀٽو زرداري سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو هو ته پرويز مشرف جي طبعيت گهڻي خراب آهي، الله پاڪ کيس صحت ڏئي، ليڊر شپ جو موقف آهي ته پرويز مشرف کي واپس اچڻ گهرجي، واپسيءَ جي حوالي سان فيصلو سندس خاندان کي ڪرڻو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ قائد نواز شريف به ردعمل جو اظهار ڪيو هو.

نواز شريف چيو هو ته منهنجي پرويز مشرف  سان ڪا ذاتي دشمني يا تڪرار ناهي، نٿو چاهيان ته پنهنجي پيارن جا جيڪي صدما مون برداشت ڪيا ٻئي ڪنهن کي برداشت ڪرڻا پون، مان پرويز مشرف جي صحت لاءِ الله پاڪ کان دعاڳو آهيان، پرويز مشرف واپس وڃڻ چاهي ته حڪومت سهولت فراهم ڪندي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تان بختاور ڀٽو زرداري لکيو آهي ته مفرور ڊڪٽيٽر اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي قتل ۾ سڌي ريت ملوث آهي.

هن لکيو ته مفرور ڊڪٽيٽر کي ڪڏهن معاف نه ڪيو ويندو، نه ان جي باقي زندگي ۾ ۽ نه تاريخ ۾.

ياد رهي ته پرويز مشرف جي واپسيءَ جي معاملي تي سينيٽ ۾ به گرما گرم بحث ٿيو هو.

پ پ سينيٽر يوسف رضا گيلاني چيو هو ته اهو فيصلو اسان نه ڪنداسين، اهي فيصلا ٻئي هنڌ ٿيندا، جڏهن هو ٻاهر وڃي رهيو هو ته ڇا توهان ان کي روڪي پئي سگهيا؟ جڏهن واپس ايندو ته ڇا توهان روڪي سگهندئو؟ ان جو مقصد اهو آهي ته هي هڪ فضول عمل آهي.

سينيٽ چيئرمين چيو هو ته پرويز مشرف هن ملڪ جو شهري آهي، هو بيمار آهي، جيڪڏهن اچڻ چاهي ٿو ته کيس اچڻ ڏنو وڃي.

جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد جو چوڻ هو ته پرويز مشرف کي واپس آڻڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان بابت نواز شريف جو بيان به آيو آهي، هن ملڪ ۽ آئين سان وڏو ظلم ٿيو آهي، اسان مجبور آهيون، اسان جا هٿ پير ٻڌل آهي ۽ اسان عملي طور غلام آهيون.

مولانا عبدالغفور حيدري چيو هو ته هن وقت هو زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهي، هن وقت جيڪڏهن اسان اهو چئون ته هو وطن واپس نه اچي ته اهو مناسب نه هوندو، جڏهن ته رضا رباني خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پ پ جي روايت رهي آهي ته ڀلي ڪو وڏي ۾ وڏو آمر ڇو نه هجي، جيڪڏهن اهو لاڏاڻو ڪري وڃي ته خوشي جو اظهار ناهيون ڪندا، تنهن ڪري پرويز مشرف کي واپسي جي اجازت ڏيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.