ذهني دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ هنن ڳالهين تي عمل ڪريو

عام طور تي ماڻهو پنهنجي ذهني دٻاءُ کي ٻين کان لڪائيندا وتندا آهن پر جيڪڏهن هو پنهنجي ذهني پريشاني تي ڳالهائن ۽ ٻين کي ٻڌائن ته بهتر نتيجا ملي سگهن ٿا.

هڪ تازي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته جيڪڏهن اوهان ٻين کي پنهنجي ذهني دٻاءُ ۽ انزائٽي بابت ٻڌائيندا آهيو ته ماڻهو اوهان جا بهتر سلوڪ ڪندا آهن.

مطالعي موجب، ڪنهن شخص ۾ ذهني دٻاءُ ۽ انزائٽي جي ظاهري نشانيون کين وڌيڪ دلڪش بڻائي ڇڏينديون آهن جنهن ڪر ماڻهو ساڻن گرمجوشي سان پيش ايندا آهن.

تحقيق ۾ ان ڳالهه لاءِ ماڻهن کي دلداري ڏني وئي آهن ته هو پنهنجي پريشاني  لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪن.

ان ڏس ۾ برطانوي جي ناٽنگهم ٽرينٽ يونيورسٽي جي ريسرچ فيلو جيمي چيو ته ذهني پريشاني کي لڪائڻ لاءِ اسان کي پنهنجي چهري کي زوري پرسڪون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته دٻاءُ جون نشانيون ظاهر ٿينديون ته ماڻهو اسان جي جذبن کي بهتر نموني سمجهي سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.