آصف زرداري پرڏيهي اينڊا تي قومي اسيمبلي کان خوفناڪ ڪم وٺڻ وارو آهي: شيخ رشيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد الزام هنيو آهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پرڏيهي ايجنڊا تي منڊي ٽنڊي قومي اسيمبلي کان خوفناڪ ڪم وٺڻ وارو آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته حڪمران پنهنجا ڪيس ختم ۽ مخالفن تي دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس ٺاهي رهيا آهن، جڏهن ته قوم جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن.

هن چيو ته جيڪڏهن فيصلا روڊن تي ٿيڻا آهن ته 45 ڏينهن ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ن ليگ جي جاءِ تي ش کي آڻڻ ماسٽر پلان هو ۽ ن ليگ هاڻ رڳو ٽي وي شو لاءِ آهي.

سندس چوڻ هو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پرڏيهي ايجنڊا تي منڊي ٽنڊي قومي اسيمبلي کان خوفناڪ ڪم وٺڻ وارو آهي، امپورٽڊ ۽ چور دروازي جي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي تقرير ڪرڻ وارو ڪير ناهي.

شيخ رشيد چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ باغي ميمبر غير آئيني بجيٽ پاس ڪري رهيا آهن، غير آئيني قدمن ۽ معيشت جي تباهي تي ملڪ تمام جلد وڏي فيصلي جو منتظر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.