ميٽا ٽِڪ ٽاڪ کي مات ڏيڻ لاءِ فيسبڪ ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ميٽا جي سي ايِ او مارڪ زڪربرگ ۽ ٻين عهديدارن ڪجهه عرصو اڳ واضح ڪري چڪا آهن ته ٽِڪ ٽاڪ جي وڌيندڙ مقبوليت جو مقابلو ڪرڻ سندن پهرين ترجيح آهي.

پر ميٽا طرفان اهو ممڪن ڪئين بڻايو ويندو؟ ته ان جو جواب فيسبڪ ايپ کي مڪمل طور تي بدلائڻ ۾ لڪل آهي.

پرڏيهي خابرو داري جي هڪ رپورٽ ۾  ڪمپني جي هڪ ميمو جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو ويو آهي ته ميٽا طرفان فيسبڪ جي مين فيڊ کي مڪمل طور بدلائڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي.

ري ڊيزائن کانپوءِ فيسبڪ ايپ جو ريڪو مينڊيشن الگورٿم ٽِڪ ٽاڪ وانگر ڪم ڪرڻ لڳندو .

مطلب فيڊ تي اهڙا پيج ۽ ماڻهن جو مواد ريڪومينڊ ڪيو ويندو جنهن کي واهپيدار فالو نه ڪري رهيو هوندو .

هن وقت فيسبڪ ۾ جيڪو مواد ريڪو مينڊ ڪيو ويندو آهي اهو انهن پيجز يا ماڻهن جو هوندو آهي جيڪي واهپيدار کي فالو ڪندا آهن يا سندس ڪانٽيڪٽس ۾ شامل هوندا آهن.

هي ميمو ڪمپني ۾ فيسبڪ ايپ جي سربراهي ڪندڙ ٽام ايليسن طرفان جاري ڪيو ويو آهي.

ميمو ۾ چيو ويو آهي ته اسان جو مقصد فيسبڪ کي هڪ اهڙي ڊسڪوري انجڻ ۾ تبديل ڪرڻ آهي جنهن ۾ ٽِڪ ٽاڪ جي فاريو فيڊ جيان ريڪو مينڊيشنز تي وڌيڪ دارومدار رکيو وڃي.

اهڙي تبديلي بعد مختصر ويڊيوز يعني ريلز يا اسٽوريز جو مواد مين فيڊ تي وڌيڪ نظر ايندو جڏهن ته دوستن ۽ گهر وارن جون پوسٽون تمام گهٽ نظر اينديون .

ڪمپني طرفان فيسبڪ ايپ ۾ ميسنجر کي ان باڪس ۾ واپس آڻڻ جي رٿابندي پڻ جاري آهي ته جيئن واهپيدار ان ڄاڻايل ڊسڪوري انجڻ ۾ وڌيڪ مواد شيئر ڪري سگهن.

في الحال اهو واضح ناهي ته ميٽا طرفان هي تبديلون ڪڏهن لاڳو ٿينديو، جڏهن ته انسٽاگرام ۾ ڪجهه تبديليون نظر آيون آهن پر فيسبڪ ايپ ۾ اڃا اهو عمل شروع ناهي ٿيو.

اهو پهريون موقعو ناهي جو ميٽا عهديدارن طرفان فيسبڪ ايپ کي مڪمل طور تي بدلڻ جو اشارو ڏنو آهي، اپريل 2022ع ۾ مارڪ زڪربرگ فيسبڪ ايپ جي نيوز فيڊ ۾ بنيادي تبديلي آڻڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.