دعا زهرا جو معاملو ختم ٿي ويو، هاڻ ان تي نه ڳالهائجي ته بهتر آهي: آءِ جي سنڌ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام بني ميمڻ چيو آهي ته دعا زهرا جو معاملو ختم ٿي ويو، هاڻ ان تي ڳالهه نه ڪئي وڃي ته بهتر آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان  ڳالهائيندي غلام نبي ميمڻ چيو سمورين پوليس اسٽيشنز تي ڪميرائون لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن مان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي هيس ته ڪراچي جي ٿاڻن ۾ ڪئميرائون لڳرايون، هاڻ سڄي سنڌ ۾ لڳرائي رهيا آهيون.

هن چيو ته ڪئميرائون لڳائڻ جو مقصد اهو آهي ته شهرين کي غير قانوني طور حراست ۾ نه رکي سگهجي، ٿاڻي ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪيون ۽ ڪيترن ئي آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون آهن.

دعا زهري جي حوالي سان آءِ جي چيو ته ان جو معاملو ختم ٿي ويو آهي، ان حوالي سان ڳالهه نه ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.