حڪومت ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري يا اسان کي هٿيار ڏئي: مصطفيٰ ڪمال

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اين اي 240 ۾ ڇڪتاڻ تي پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسان جو هڪ ڪارڪن شهيد ٿيو آهي.

واضح رهي ته ڇڪتاڻ سبب فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ 60 ورهين جي سيف الله جي نالي سان ٿي آهي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان پرامن ماڻهو آهيون، ٽي ايل پي طرفان ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، هنن اسان جي آفيس تي جٿي سان حملو ڪيو ۽ سڌي سنئين فائرنگ ڪئي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت ذميوارن کي گرفتار ڪري يا اسان کي هٿيار ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.