وڏي وزير اين اي 240 ۾ فائرنگ ۽ تشدد جي واقعي جو نوٽيس ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي تڪ اين اي 240 ۾ فائرنگ ۽ تشدد جي واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.

سيد مراد علي شاهه آءِ جي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏيو، اليڪشن جو ماحول پرامن رکيو وڃي، قانون هٿ ۾ کڻندڙ کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.

هن چونڊ ۾ حصو وٺندڙ سڀني سياسي جماعتن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته اسان سياسي ماڻهو آهيون، اسان کي پرامن رهڻو آهي ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.