”آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي روشني ۾ پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو.

پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻارڻ جا اگهه وڌڻ جي اثرن کان چڱي ريت آگاهه آهيون پر آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت اهو انٽڙ هو.

 هن چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي تي پي ٽي آءِ حڪومت صحيحون ڪيون هيون ۽ اسان پي ٽي آءِ جي آءِ ايم ايف سان ڊيل جي تفصيلن تي جلد قوم کي اعتماد ۾ وٺنداسين.

سندس چوڻ هو ته انشاءَالله اسان ڏکين معاشي حالتن مان نڪري اينداسين.

واضح رهي ته حڪومت رات دير سان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.