ڪروڙين حياتيون ڳڙڪائيندڙ وبا ڪٿان پکڙي؟

سائنسدانن انساني تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ تباهي مچائيندڙ وبا بوبنڪ طاعون جي شروعات وارو معمو اٽڪل 700 ورهين کانپوءِ حل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

14 هين صدي جي وچ ڌاران ڪاري موت يا بوبنڪ طاعون جي وبا جي نتيجي ۾ يورپ، ايشيا ۽ اتر آفريڪا ۾ ڪروڙين ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا هئا.

هونئن ته طاعون ان کان به وڌيڪ پراڻي بيماري آهي پر 14 صدي ۾ ان جي هڪ قسم ببونڪ طاعون تباهي مچائي هئي ۽ امڪاني طور تي واپاري رستن ذريعي هڪ کان ٻئي خطي تائين پهتي.

ان وقت کان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ان وبا جي شروعات ڪٿان ٿي پر  چٽا ثبوت نه هئڻ سبب جواب نه ملي سگهيو، پر هاڻي سائنسدانن چيو آهي ته انهن وبا جي شروعات وارو هنڌ ڳولي ورتو آهي جنهن کي حيرت جوڳي دريافت قرار ڏنو ويو آهي.

سائنسدانن جي عالمي ٽيم گڏجي ڪم جي شروعات ڪئي جڏهن اسٽرلنگ يونيورسٽي جي هڪ تاريخدان ڊاڪٽر فلپ سلوين ڪرغزستان جي هڪ علائقي ۾ 1330 جي ڏهاڪي ۾ موت جي شرح ۾ اوچتو واڌاري جا ثبوت مليا آهن.

ليڪ اسيڪ ڪول نالي علائقي جي ٻن قبرستانن ۾ 1248ع کان 1345ع جي وچ جي 467 ڪتبن جو مشاهدو ڪرڻ تي ڊاڪٽر فلب معلوم ڪيو ته 1330ع جي ڏهاڪي ۾ اتي موت جي شرح ۾ اوچتو تمام گهڻو وڌارو اچي ويو هو.

1338ع يا 1339ع جي 118 ڪتبا اتي موجود هئا جن جي موت جو سبب مقامي زبان ۾ طاعون لکيل هو، ان هنڌ تي وڌيڪ تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 1880 جي ڏهاڪي ۾ ان علائقي جي کوٽائي دوران 30 ڊانچن کي قبرن مان ڪڍيو ويو، کوٽائي جي رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ دوران سائنسدانن  انساني ڊانچن جي ڪجهه باقيات کي دريافت ڪيو.

ان کانپوءِ جرمني جي قديم ڊي اين جي ڇنڊڇاڻ ۾ ۾ مهارت رکندڙ سائنسدانن 7 ڊانچن جي ڏندن ۾ موجود جنياتي مواد جو جائزو ورتو.انهن مان ٽن Yersinia pestis نالي بيڪٽريم جي ڊي اين اي کي دريافت ڪيو ويو جيڪي ببونڪ طاعون جو سبب بڻجندو آهي.

بيڪٽريم جي جينوم جو مڪمل تجزيو ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ان بيڪٽريم ذريعي طاعون جي اهڙوقسم پيدا  ٿيندو آهي جيڪو ڪرغزستان مان اٺن ورهين کان پوءِ سڄي دنيا ۾ پکڙي ويو هو.

ان وبا جي نتيجي ۾ يورپ جي 50 سيڪڙو آبادي موت جي منهن ۾ هلي وئي هئي.

هاڻي طاعون جي ان قسم سان ملندڙ جلندڙ قسم ڪرغزستان جي ڪوئن ۾ موجود آهي، پر هاڻي ماڻهن ۾ ان موتمار بيماري جي ڪيسز جو ريشو نه هئڻ برابر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.