سنڌ حڪومت پاران ڪي يو جي کي 50 لک رپين جي گرانٽ جو چيڪ

ڪراچي(رپورٽر) ٽرانسپورٽ ۽ـ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي  صدر اعجاز احمد ۽ جنرل سيڪريٽري عاجز جمالي کي 50 لک رپين جي گرانٽ جو چيڪ ڏئي ڇڏيو. جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق ان موقعي تي اطلاعات وارو ڊائريڪٽر سليم خان به موجود هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت صحافين جي ڀلائيءَ کي اولين ترجيح ڏئي ٿي. اهوئي سبب آهي ته مختلف پريس ڪلبس ۽ صحافين جي تنظيمن کي ساليانو گرانٽ فراهم ڪئي ويندي آهي. ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي عهديدارن سنڌ حڪومت جو شڪريو ادا ڪندي ان رقم کي ميمبرن جي نئين سال جي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.