بلوچ عورتن تي تشدد: اختر مينگل جي ٽوئيٽ جو ڀانڊو ڦاٽي پيو

ڪراچي(م ڊ) بلوچ عورتن تي تشدد واري معاملي تي اختر مينگل جي ٽوئيٽ جو ڀانڊو ڦاٽي پيو،اختر مينگل لکيو هو ته بلوچ عورتن تي  تشدد مذمت جوڳو آهي، لاپتا ماڻهن جي بازيابي جي حوالي سان حڪومت کيس وقت ڏنو آهي، جيڪڏهن ڊليور نٿا ڪري سگهو ته اسان پنهنجون راهون جدا ڪري وٺنداسين، سينئر صحافي عزيز سنگهور ٽوئيٽر تي اختر مينگل جي ٽوئيٽ تي حرانگي جو اظهار ڪندي کيس جواب ڏنو ته 13 جون تي بلوچ عورتن تي تشدد جي امڪاني پوليس ايڪشن جي باري 12 جون تي توهان کي آگاهه ڪيو هو، مون توهان کي چيو هو ته بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه سان ڳالهائي انهن جي آزادي ممڪن بڻايو، پر توهان ڪجهه نه ڪيو، ڪراچي پريس ڪلب سنڌ اسيمبلي آڏو لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ بلوچ عورتن تي سنڌ پوليس جي تشدد تي بلوچستان نيشنل پارٽي(مينگل) جي سربراهه اختر مينگل ٽوئيٽر تي حڪومت کان پنهنجون راهون جدا ٿيڻ جو اشارو ڏنو، بلوچ حلقن هن جي موقف کي فريب ۽ ڪوڙ قرار ڏنو آهي، لاپتا ماڻهن جي بازيابي جي قيادت ڪندڙ ماڻهن ٿاڻي ۾ پاڻ ضمانت ڏني جنهن جي بنياد تي کين ڇڏيو ويو، انهن جي آزادي ۾ بي اين پي(مينگل) جو ڪو به ڪردار ناهي، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ڪراچي جي آرگنائزر آمنه بلوچ اختر مينگل کي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته اختر صاحب! جڏهن اسان جو ڌرڻو سنڌ اسيمبلي آڏو جاري هو ته اتي موجود سينئر صحافي عزيز سنگهور توهان کي واٽس اپ تي سنڌ پوليس جي امڪاني ايڪشن بابت آگاهه ڪيو هو، توهان وقت سر بلاول ۽ وڏي وزير سان ڳالهايو ها ته اها نوبت نه اچي ها، هاڻي افسوس ڪرڻ فضول آهي، سنڌ پوليس اسان تي تشدد ڪيو، اسان جي ٻارن کي ماريو، نياڻين کي راشي انسپيڪٽر سجاد خراب گاريون ڏنيون، هاڻي توهان جي استعيفيٰ بلوچ قوم لاءِ بي معني آهي، هن چيو ته جڏهن اسان جي مٿي تان پوليس وارن چادرون لاٿيون تڏهن توهان خاموش هئا، ٿاڻي ۾ اسان پاڻ شوريٽي ڏني ته اسان کي ڇڏيو ويو، اسان جي آزادي ۾ بي اين پي مينگل جو ڪو به ڪردار ناهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.