بلوچ شاگردن بابت هدايت الرحمان جو بيان کل جوڳو آهي: بي ايس او

ڪوئيٽا(م ڊ) بي ايس او ۽ بي ايس او پجار اڳواڻن چيو آهي ته بلوچ شاگردن خلاف تازو ڪريڪ ڊائون انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي، ملڪ جي  مختلف تعليمي ادارن ۾ بلوچ شاگردن جون جبري گمشدگيون ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي ويون آهن، جنهن سان شاگرد ذهني اذيت ۽ خوف ۾ مبتلا آهن، هنن چيو ته اسان سنڌ پوليس پاران بلوچ عورتن ۽ شاگردن تي وحشياڻي تشدد ۽ بدسلوڪي جي به ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، جهڙي طرح پرامن مظاهرين تي انڌي طاقت جو استعمال ڪري ظلم ۽ جبر جو داستان رقم ڪيو ويو اهوانتهائي جابراڻو قدم هو، پريس ڪانفرنس ۾ اڳواڻن جماعت اسلامي اڳواڻ مولانا هدايت الرحمان جي بلوچ شاگردن ۽ تعليمي ادارن بابت اڻوڻندڙ بيان تي چيو ته مولانا هدايت الرحمان انٽرويو ۾ بلوچ شاگرن تي جيڪي الزام هنيا اهي انتهائي کل جوڳا آهن، مولانا پنهنجي بيان ۾ پنجاب يونيورسٽي ۾ اسلامي جمعيت طلبا جي بلوچ پشتون شاگردن تي حملي ۽ تشدد کي جائز قرار ڏنو آهي، اهڙو بيان ڪنهن به عزت واري بلوچ لاءِ قابل قبول ناهي، مولانا ان بيان تي بلوچ قوم کان معافي وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.