بلوچ نياڻين تي تشدد آمراڻو قدم آهي: رئوف ساسولي

حيدرآباد (رپورٽر) نامياري بلوچ اڳواڻ رئوف خان ساسولي ڪراچي ۾ بلوچ نياڻين تي پوليس تشدد ۽ کين کنڀي پوليس موبائل ۾ اڇلائڻ  واري عمل تي سخت رد عمل جو اظھار ڪندي چيو آھي تھ نياڻين مٿان تشدد ھن جمھوري دور ۾ آمراڻو قدم آھي. ھن چيو تھ 1973ع ۾ بلوچن تي ٿيندڙ تشدد تاريخ جو تڪليف ڏيندڙ باب آھي، اڄ جڏھن ڪراچي پريس ڪلب ٻاھران بلوچ نياڻين تي تشدد ٿئي ٿو تھ جمھوري ۽ غير جمھوري دورن ۾ ٿيندڙ جبر جو ورجاءُ ٿئي ٿو ۽ اسين ان جي مذمت ڪريون ٿا.  ھن چيو تھ اسيمبلين ۾ ويٺل باڪردار ماڻھن کي بلوچن سان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿارڻ گھرجي ۽ سنڌ جي سول سوسائٽي، انساني حقن جي تنظيمن ۽ پارليامينٽ کان ٻاھر ويٺل ترقي پسند ڌرين کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ  گھرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.