عمران جي ملڪيت ۾ واڌ، بلاول وٽ 6 بلٽ پروف گاڏيون، شيخ رشيد وٽ بندوق

اسلام آباد  (م ڊ) اليڪشن ڪميشن اسيمبلي ميمبرن جي سال 2021ع جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سال 2020ع جي ڀيٽ ۾ 2021ع جي اثاثن ۾ 6 ڪروڙن کان  وڌيڪ جو اضافو ٿيو، جڏهن ته موجوده وزيراعظم شهباز شريف جي اثاثن جي ماليت 24 ڪروڙ 50 لک رپيا آهن. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اثاثن جي ماليت 71 ڪروڙن کان وڌيڪ آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان اربع ڏينهن جاري ڪيل اثاثن جي تفصيل مطابق عمران خان 14 ڪروڙ 21 لک رپين کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي، عمران خان جي سال 2020ع ۾ اثاثن جي ڪل ماليت 8 ڪروڙ کان وڌيڪ هئي، عمران خان تي سال 2020ع ۾ 7 ڪروڙ کان وڌيڪ جو قرض هو، سال 2020ع ۾ قرض جي رقم شامل ڪري اثاثن جي ماليت 15 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ هئي. سال 2021ع جي اثاثن مطابق عمران خان جي ذمي واجب الادا قرض ناهي، عمران خان گوشوارن ۾ زمان پارڪ، ميانوالي ۽ بکر ۾ وراثتي زمينون ظاهر ڪيون، عمران خان بني گاله کي تحفو ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته ان ۾ تعمير ۽ ايڊيشن تي هڪ ڪروڙ 11 لک 70 هزار رپين جو خرچ ظاهر ڪيو آهي، انهن چيچا وطنيءَ ۾ 5.5 سؤ ڪينال کان وڌيڪ زرعي ايراضيءَ جي ماليت 50 هزار رپيا ظاهر ڪئي آهي، عمران خان وٽ گرينڊ حيات اسلام آباد ٽاور ۾ هڪ فليٽ جيڪو هڪ ڪروڙ 19 لک جو آهي، عمران خان جو ملڪ اندر يا پرڏيهه ۾ ڪوبه ڪاروبار ناهي. عمران خان وٽ پنهنجي ڪابه ذاتي گاڏي ناهي. عمران خان جي ٻن فارين ڪرنسي اڪائونٽن ۾ 3 لک 29 هزار ڊالرز جمع آهن. عمران خان گذريل سال 7 ڪروڙ رپيا قرض ادا ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان اثاثن ۾ 2 لک رپيا ماليت جون 4 ٻڪريون به ظاهر ڪيون آهن، عمران خان وٽ 5 لک ماليت جو فرنيچر آهي، عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي اثاثن جا تفصيل به جمع ڪرايا آهن. بشريٰ بي بي وٽ 431 ڪينال جي پاڪ پتن ۾ 2 مختلف زمينون آهن، بشريٰ بي بي بني گاله اسلام آباد ۾ 3 ڪئنال جي گهر جي مالڪ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هڪ ارب 60 ڪروڙ رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، بلاول ڀٽو جي ذمي 3 لک 34 هزار واجب الادا آهن، بلاول ڀٽو پرڏيهه ۾ ڪاروبار به ظاهر ڪيو آهي، بلاول ڀٽو جو بئنڪ بئلنس 12 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، هن وٽ 6 بلٽ پروف گاڏيون آهن. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري 71 ڪروڙ 42 لک کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي، آصف علي زرداري جو پرڏيهه ۾ ڪوبه ڪاروبار ناهي. اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد جو ڪوبه ذاتي گهر ناهي، مراد سعيد وٽ هڪ گاڏي ۽ 15 توله سون آهي، مراد سعيد جي اڪائونٽس ۾ 29 لک 63 هزار کان وڌيڪ رقم آهي. عمر ايوب هڪ ارب 19 ڪروڙ کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي، عمر ايوب جي ذمي 11 لک 55 هزار رپيا واجب الادا آهن. عمر ايوب پرڏيهه ڪاروبار جا تفصيل به جمع ڪرايا آهن. اسد قيصر 8.5 ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ ۽ هڪ ڪروڙ 17 لک کان وڌيڪ جو قرضي آهي. اسد قيصر وٽ 6 ڪروڙ 72 لک کان وڌيڪ جي ملڪيت آهي. اسد قيصر 58 لک رپين جو ڪاروبار ظاهر ڪيو آهي. اسد قيصر هڪ گاڏيءَ جو مالڪ، 96 لک کان وڌيڪ بئنڪ بئلينس جو مالڪ آهي. پرويز خٽڪ 16 ڪروڙ 71 لک کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي، 3 ڪروڙ رپيا بئنڪ بئلينس ۽ 2 ڪروڙ 56 لک رپين جو قرضي آهي. وزيراعظم شهباز شريف 24 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ جڏهن ته 14 ڪروڙ کان وڌيڪ قرضي آهي. شهباز شريف وٽ 2 گاڏيون، 2 ڪروڙ کان وڌيڪ بئنڪ بئلينس آهي. شهباز شريف پرڏيهه ۾ 13 ڪروڙ 74 لک رپين جي اثاثن جو پڻ مالڪ آهي. شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز 23 ڪروڙ رپيا جڏهن ته ٻي گهر واري تهمينه دراني جي اثاثن جي ملڪيت 57 لک 60 هزار آهي. شهباز شريف جي اثاثن ۾ سال 2020ع جي ڀيٽ ۾ 2021ع ۾ 3 لک رپين جي گهٽتائي آئي. شهريار آفريدي جي اثاثن جي ماليت 2 ڪروڙ 62 لک رپيا آهي. ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني 3 ڪروڙ 72 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. مولانا اسد محمود جي اثاثن جي ماليت 60 لک رپيا آهي. سندس گهر واريءَ وٽ 3 توله سون آهي. علي امين گنڊاپور جي اثاثن جي ماليت 10 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي. پير نورالحق قادري 51 ڪروڙ رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. اسد عمر 68 ڪروڙ 71 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ جڏهن ته 11 ڪروڙ 12 لک رپين جو قرضي آهي. ميجر طاهر صادق جي اثاثن جي ملڪيت 5 ڪروڙ 93 لک رپيا آهي، جڏهن ته ملڪ سهيل ڪمڙيال 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي. راجا پرويز اشرف پنهنجي اثاثن جي ماليت 2 ڪروڙ 36 لک ظاهر ڪئي ۽ سندس گهر واريءَ تي 100 توله سون آهي. راجا پرويز اشرف جو اسلام آباد جي پوش سيڪٽر ايف 8 ۾ گهر جي ماليت 26 لک رپيا آهي. راجا پرويز اشرف 32 ايڪڙ وراثتي زمين جي ماليت ناهي ٻُڌائي. غلام سرور خان جي اثاثن جي ماليت 5 ڪروڙ 47 لک رپيا آهي. شيخ رشيد احمد 15 ڪروڙ 98 لک رپين جي اثاثن جو مال آهي. شيخ رشيد احمد 6 لک 30 هزار رپين جي بندوق ظاهر ڪئي، شيخ رشيد 10 ڪروڙ رپيا زمين وڪڻڻ عيوض ايڊوانس ورتي آهي. مراد علي شاهه 30 ڪروڙ 20 لک رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، مراد علي شاهه 24 ڪروڙ 35 لک رپين جو بئنڪ بئلينس ظاهر ڪيو. مراد علي شاهه هڪ ڪروڙ 42 لک رپيا ماليت جون 2 گاڏيون ظاهر ڪيون آهن. مراد علي شاهه ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ گهر جي ماليت هڪ ڪروڙ 15 لک رپيا ظاهر ڪئي، ڌيءُ جي نالي تي ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ 3 ڪروڙ رپيا ماليت جا 2 پلاٽ ظاهر ڪيا آهن.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.