عمران خان ادارن کي شرمسار ڪري رهيو آهي: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي پهرين ميٽنگ ۾ سازش جي ٿيوري  کي رد ڪيو ويو هو، اهو معاملو اتي ئي ختم ٿي ويو هو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جيڪي فوجي افيسر اين  ايس سي ۾ شريڪ هئا عمران خان انهن جي ساراهه ڪندو هو، عمران خان اڻ سڌي ريت اسان جي ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي، صدر مملڪت سپريم ڪمانڊر ضرورآهي پر اين  ايس سي  ميٽنگ ۾ شريڪ نه هو، پنڊي وارن کي تڪرار ۾ نه گهلڻ گهرجي، عمران خان ادارن کي به شرمسار ڪري رهيو آهي، هو جهڙي قسم جي سياست ڪري رهيو آهي اها پاڪستان جي وجود لاءِ خطرو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.