حڪومت عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، پيٽرول 24 رپيا ۽ ڊيزل 59 رپيا مهانگو

اسلام آباد( م ڊ) حڪومت عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائيندي پيٽرول اگهه ۾ 24 رپيا 3 پئسا واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 233 رپيا 89 پئسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل 59 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي.جنهن جي نئين قيمت  263 رپيا 31 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. لائٽ ڊيزل جي قيمت 29 رپيا  واڌ ڪئي وئي آهي.  حڪومت جي قدم بعد سبسڊي ملڪ طور ختم ٿي وئي. حڪومتي اعلان تحت پيٽرول 24 رپيا 3 پئسا واڌ سان 233 رپيا 89 پئسا ٿي ويو. ڊيزل جي قيمت 59 رپيا 16 پئسا واڌ سان 263 رپيا 31 پئسا ٿي ويو آهي. گاسليٽ جي قيمت 29 رپيا 49 پئسا واڌ سان 211.43 رپيا ٿي وئي. لائٽ ڊيزل 29 رپيا 16 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد نئون اگهه 207 رپيا 47 پئسا في لٽر ٿي ويو آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته پهرين ۽ 15 تاريخ تي تيل قيمتن ۾ مٽا سٽا ڪئي ويندي آهي. عمران خان پنهنجا آخري ڏينهن سمجهي پيٽرول اگهن ۾ واڌ بدران اگهه گهٽائي ڇڏيائين ۽ سيلز ٽئڪس ۽ ليوي به ختم ڪري ڪري ڇڏي. هن چيو ته هن سان نقصان شروع ٿي ويو. هن چيو ته ان وقت عالمي منڊي ۾ تيل قيمتون 85 يا 90 ڊالر موجود هيون، هاڻ عالمي منڊي ۾ قيمتون 120 ڊالر ٿي ويون آهن. مفتاح اسماعيل چيو ته اسان ٻه ڀيرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي پر ان باوجود پيٽرول جي قيمت ۾ 24 رپيا 3 پئسا نقصان ڪري رهيا هئاسين، جڏهن ته ڊيزل ۾ 59 رپيا 16 پئسا، گاسليٽ ۾ 29 رپيا 49 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل ۾ 29 رپيا 16 پئسا نقصان پهچي رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مئي ۾ پيٽروليم شين تي سبسڊي جي مد ۾ 120 رپين جو نقصان ٿيو. هي سولين حڪومت هلائڻ جي مهيني جو خرچ 40 ارب رپيا هوندو آهي. هن چيو ته عمران جي قدم سان نه صرف هي حڪومت ڦاسي پئي پر ملڪ به ڦاسي پيو آهي.ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته اسان پيٽرول اگهه ۾ واڌ لاءِ مجبور ٿي ويا آهيون،  هن چيو ته هي ڪنهن حڪومت لاءِ آسان فيصلو ناهي، ڪجهه مهينن تائين هي ڏکيائي هوندي، ان تي قوم کان معذرت ڪيون ٿا. هن چيو ته مئي ۾ نقصان 120 ارب رپين کان وڌي ويو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان عمران جي معاهدي تحت پيٽرول جي قيمت 234 رپيا ٿيڻي هئي پر عمران خان اگهه گهٽائي ڇڏيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.