محمود خان سڀ کان وڌيڪ اميرترين وڏو وزير نڪتو

اسلام آباد(م ڊ) ڪي پي جو وڏو وزير محمود خان ٻه ارب رپين جي اثاثن سان امير ترين وزيراعليٰ نڪتو، هن جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ 19 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم، زمين جي وڪري عيوض 8 ڪروڙ 79 لک رپيا مليا، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ 15 لک رپين جو گهر، ڌيءُ جي نالي تي ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ 3 ڪروڙن جي ماليت جا ٻه پلاٽ آهن، هو ٻن گاڏين جو به مالڪ، بئنڪ اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپيا، گهرواري وٽ 100 تولا سون آهي، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جي گهر جي ماليت 20 لک، مائننگ ڪمپني بند ٿي چڪي، هن وٽ هڪ لک رپيا ڪيش، اڪائونٽ ۾ 15 لکن کان وڌيڪ رقم آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.