بشريٰ بي بي 431 ڪنال زمين ۽ بني گالا ۾ گهر جي مالڪياڻي

اسلام آباد( م ڊ) عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي اثاثن جا تفصيل به جمع ڪرايا آهن. بشريٰ بي بي وٽ 431 ڪنال جون پاڪ پتن ۾ 2 مختلف زمينون آهن، عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي پاڪ پتن هنڌ مانيڪا ۾ 52 ڪنال زمين جي مالڪياڻي آهي، بشريٰ بي بي هنڌ پير غني پاڪ پتن ۾ 379 ڪنال ايراضي جي به مالڪياڻي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب بشري بي بي جي اوڪاڙا ۾ 267 ڪنال ايراضي آهي، جڏهن ته هوءَ بني گالا ۾ 3 ڪنال تي ٻڌل گهر جي به مالڪياڻي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.