روهڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل، اهلڪار سميت 6 زخمي

روھڙي(رپورٽ:عبدالجواد عباسي)روهڙي ٻيڙي چوڪ تي موٽر سائيڪل سوار 3  هٿياربندن جي چوڪ تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ۾ واٽهڙو نديم  جتوئي ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته ٻن ٻارڙن ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. روهڙي پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال روھڙي پهچايو جتي زخمي امير بخش ڇڄڻ ٻڌايو ته روھڙي بينڪ کان واپس پنهنجي گهر وڃي رهيو هئس ته موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن سڪ پل وٽ ڦر ڪرڻ جي ارادي سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون گاڏي ڀڄائي. هٿياربندن پيڇو ڪري ٻيڙي چوڪ تي گاڏي کي الڳ ڏنو ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ رڪشي ۾ ويٺل واٽهڙو نديم جتوئي مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويو ۽ ٻن ٻارڙن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا . اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ دوران پوليس موجود هئي پر پوليس جوابدارن مٿان جوابي فائرنگ نه ڪئي .03

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.