عمران خان ۽ شيخ رشيد لاءِ گيٽ نمبر 4 هميشه لاءِ بند

لاهور (عوامي آواز نيوز) عمران خان ۽ شيخ رشيد لاءِ گيٽ نمبر 4 هميشه لاءِ بند ٿي ويو، آخري وارننگ بعد به سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف ٽرينڊ بند نه ٿيا ته سخت ڪارروائي ٿيندي. نامياري صحافي معظم فخر پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان جي عالمي  سازش واري بيان کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي ۽ شيخ رشيد کي به نالو وٺي ڪوڙو قرار ڏنو آهي. گڏوگڏ جنرل (ر) مشرف کي وطن آڻڻ جي به ڳالهه ڪئي وئي آهي، جنهن تي آصف علي زرداري سان صلاح مشوري بعد نواز شريف ٽوئيٽ  ڪيو ته مشرف پاڪستان اچڻ چاهي ٿو ته حڪومت کيس سهوليت مهيا ڪري گڏوگڏ مشرف جي صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي آهي. نواز شريف جي ان ٽوئيٽ به عمران خان جي ارمانن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، ڇو ته اهو ٽوئيٽ ئي آهي جنهن  عمران خان لاءِ گيٽ نمبر 4  هميشه لاءِ بند ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اداري يا شخصيتن خلاف ٽرينڊ بند نه ٿيا ته هاڻي انتهائي سخت ڪارروائي به عمل ۾ اچي سگهي ٿي. ان جو احساس عمران خان کي به ٿي چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.