جيڪب آباد لڳ مبينا طور چوري ڪوشش دوران فائرنگ، عورت قتل

جيڪب آباد (ڊر )  جيڪب آباد جي تعلقي ڳڙھي خيرو ٿاڻي جي حد ميرانپور ٿاڻي ۾ قائم ڳوٺ مبارڪ کوسو ۾ چور گھر ۾ داخل ٿيا تھ  گھر وارا جاڳي ويا چورن جي  فائرنگ ۾ ناھيدا کوسو قتل ٿي وئي. اطلاع تي پوليس لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو. مقتولڻ جي والد مبارڪ کوسو جو چوڻ ھو تھ چور گھر ۾ داخل ٿي ڌيءَ تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آھن، جڏھن تھ حد جي پوليس جو چوڻ ھو تھ واقعي واري ھنڌ چورن جا اھڙا نشان ناھن مليا وڌيڪ جاچ جاري آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.