عمران خان حڪومت ۽ پارٽي اندران ٻٽي دٻاءُ جو شڪار، چيئرميني ڇڏي پرڏيهه وڃڻ لاءِ تيار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر  سنجيدا ۽ نظرياتي اڳواڻن عمران خان کي پارٽي چيئرميني تان استعيفيٰ ڏئي پرڏيهه  وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن تي عمران خان به غور  شروع ڪري ڇڏيو آهي، نامياري تجزئي نگار ڊاڪٽر دانش پنهنجي وي لاگ ۾ پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻن جو نالو ظاهر نه ڪرڻ واري شرط تي عمل ڪندي ڄاڻايو آهي ته عمران خان جيڪا سياست ڪئي آهي. ان پارٽيءَ کي اهڙي بند گليءَ  ۾ آڻي بيهاريو آهي جو مستقبل ۾ سياست ڪرڻ يا حڪومت ۾ اچڻ جا سمورا دروازا بند ٿي چڪا آهن. پارٽي لوٽن ۽ مفاد پرستن جي  هٿن ۾ وڃي رهي آهي، جيڪا پي ٽي آءِ  جو نالو نشان ختم ڪري ماضيءَ  جو قصو بڻائڻ ۾ رڌل آهن. اهو احساس آهستي آهستي عمران خان کي به ٿي رهيو آهي ته هن ڏيهي ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ سان جنهن سطح جو جهيڙو ڪيو آهي ۽ جنهن شدت سان ٽڪراءَ  ۾ آيو آهي ته مستقبل ۾ سندس اقتدار ۾ اچڻ ناممڪن بڻجي چڪو آهي. ان جو اظهار هڪ حد تائين ناميارو وڪيل ۽ پي ٽي آءِ  جي بنيادي اڳواڻن ۾ شمار ٿيندڙ  حامد خان سان به ڪري چڪو آهي. کيس اهو به احساس اندر ۾ کائي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ کي رت ست ۽ ڌن دولت لٽائي اقتدار ۾آڻڻ وارن نظرياتي اڳواڻن کي پارٽي  مان نيڪالي ڏيڻ سندس وڏي غلطي آهي. عمران خان سان ملاقات  کانپوءِ ته حامد خان هڪ ٽي وي پروگرام اهو به چيو ته جيڪڏهن سهباز گل، فواد چوڌري ۽ پرويز خٽڪ پي ٽي آءِ ۾ آهن ته پوءِ اهڙي پي ٽي آءِ سان سندس ڪو به تعلق نه آهي، عمران خان جي ان اڳرائي واري پاليسي ۽ ادارن سان تڪرار واري روش سبب جيڪي اڳواڻ خاموشيءَ سان ڪنڊائتا ٿي ويا هئا. هاڻي اهي سرگرم ٿي ويا آهن. جن جو وڏو انگ آهي، انهن ئي عمران خان کي پيغام اماڻيو آهي ته پارٽي مفاد ۾ اوهان چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏئي في الحال پرڏيهه هليا وڃو جيئن پارٽيءَ  مان لوٽن ۽ مفاد پرستن جو صفايو  ڪري پارٽيءَ  جي نج سياسي پارٽي طور جوڙجڪ ڪري قيادت بنيادي نظرياتي اڳواڻن حوالي ڪري هڪ جمهوري سياسي پارٽي طور سرگرميون جاري رکيون وڃن. انهن ئي سياسي اڳواڻن جوچوڻ آهي ته هڪ طرف پارٽيءَ  اندر عمران خان تي دٻاءُ آهي ٻئي طرف حڪومت جيڪي  اسڪينڊل  سامهون آڻي رهي آهي، اهو  به دٻاءُ  عمران خان تي وڌو ويو آهي. جنهن ڪري هاڻي عمران خان حڪومت کان اين آر او وٺڻ، پرڏيهه وڃڻ ۽ پارٽي سينيئر نظرياتي اڳواڻن حوالي ڪرڻ تي سنجيدگي سان غور ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.