مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس داخل، ٻه فرنٽ مين گرفتار

لاهور ( م ڊ ) ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  ايف آءِ اي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جي پٽ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي خلاف  مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو آهي. ايف آءِ اي لاهور مونس الاهي ۽ ٻين خلاف 70 ملين رُپين جي مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪري ورتو، ڪيس ۾ نامزد جوابدار نواز ڀٽي ۽ مظهر عباس کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ق ليگ اڳواڻ خلاف ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آھي ته مونس الاھي خلاف مني لانڊرنگ ايڪٽ جي تحت ڪارروائي 2 سال اڳ شروع ٿي، ان خلاف شگر ڪميشن مني لانڊرنگ جو انڪشاف ڪيو ھو، جڏھن ته ڪيس ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل جي رپورٽ ۾ داخل ڪيو ويو آھي. ايف آءِ آر موجب ڪيس ۾ گرفتار جوابدار نواز ڀٽي پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي جو ڀائيٽو جڏهن ته جوابدار مظهر عباس پٽيوالو آهي، محمد خان ڀٽي جي ڀائيٽي واجد جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. هوڏانهن مونس الاهي ايف آءِ وٽ پيش ٿيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مونس الاهي چيو ته راڻا ثناءُ الله کي جيڪو ڪرڻو آهي ته ڪري وٺي. هن چيو ته هو ايف آءِ اي وٽ پيش ٿيو آهي، سڀاڻي ( اڄ) به وري پيش ٿيندو. هن چيو ته سياسي دٻاءُ سبب هي ڊرامو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪيس کان نه ٿو ڊڄان. هوڏانهن راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مونس الاهي خلاف شگرڪميشن جي جاچ پي ٽي آءِ دور ۾ ٿي. هن چيو ته عمران خان پاڻ مونس الاهي کي گرفتار ڪرائڻ چاهيو، جنهن جو ذڪر پاڻ مونس الاهي اسان سان ڪيو هو، جنهن وقت پرويز الاهي کي وڏو وزير بڻائڻ لاءِ ساڻن ڳالهيون هلي رهيون. هن چيو ته مونس الاهي پيش ٿئي، کيس ڪرسي ڏني ويندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.