ن ليگ ووٽ جي ڪهڙي عزت ڪئي آهي: پرويز الاهي

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي اسپيڪر پرويز الاهي ايوان اقبال ۾ بجيٽ اجلاس کي غير قانوني ڏيندي چيو آهي ته صوبائي اسيمبلي هڪ ادارو آهي، جيڪو اجلاس اڳ هلي رهيو هجي، ان تي نئون اجلاس نٿو ٿي سگهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته ن ليگ اسيمبلي ۾ ووٽ کي ڪهڙي عزت ڏني آهي، پنجاب اسيمبلي جي حقن کي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته آرڊيننس ذريعي پنجاب اسيمبلي کي ڪمزور ڪيو ويو، نه حڪومت وٽ سيڪريٽري آهي ۽ نه اسٽاف، صوبائي اسيمبلي اسپيڪر وٽ هوندي ڊپٽي اسپيڪر وٽ ڪو اختيار ناهي هوندو. پرويز الاهي چيو ته پنجاب جي گورنر وٽ اختيار نه هو، جيڪو هن استعمال ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.