ڪراچي (رپورٽر)شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي سيشن ڪورٽ منتقلي وارو دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.شهيد ناظم جوکيو ڪيس جي گواهه ايڊووڪيٽ مظهر جوڻيجو دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي.مظهر جوڻيجو درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت حقيقتن کي نظر انداز ڪندي ڪيس ٽرائل ڪورٽ منتقل ڪيو، جڏهن ته ڪيس جو فريادي به جوابدارن سان ملي ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ناظم جوکيو تي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، واقعي سان خوف ۽ هراس پکيڙيو ويو، جوابدار اسيمبلي ميمبر ۽ بااثر آهن.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ناظم جوکيو جي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪري ڄام عبدالڪريم ۽ ڄام اويس کي جوابدار نامزد ڪيو وڃي. واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ فريادي ڌر طرفان راضي نامو جمع ڪرائڻ بعد ڪيس مان دهشتگردي جا قلم شامل ختم ڪندي ڪيس ٽرائل ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. 03