مهانگائي ۾ واڌ سبب بجيٽ ۾ عوام کي رليف لاءِ قدم کنيا وڃن: سينيٽ ميمبر

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽ جي ميمبرن چيو آهي ته مهانگائي ۾ اضافي جي تناظر ۾ بجيٽ ۾ عوام کي رليف لاءِ قدم کنيا وڃن،  ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي وقت سر سپورٽ پرائيس جو اعلان ڪيو وڃي،آئين ۾ ترميم ڪري مالياتي بجيٽ ۾ سينيٽ جي حصيداري ۾ اضافو ڪيو وڃي، اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 23 -2022ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر مظفر حسين شاهه چيو ته ضروري روزمره جي ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافي سان عام ماڻهو متاثر ٿيو آهي، ڪپهه ڪڻڪ ۽ ٻين جنسن جي پيداوار ۾ گذريل سال اضافو ٿيو، ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي وقت سر سپورٽ پرائيس جو اعلان ڪيو وڃي، سينيٽر شوڪت ترين چيو ته اسان جي حڪومت جي دور ۾ ڪورونا وبا جي باوجود سڀئي معاشي انگ اکر مثبت هئا، سڀئي شعبا ترقي جي راهه تي گامزن هئا، هن چيو ته هاڻي پيٽرول، بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، سينيٽر محسن عزيز چيو ته اسان جي حڪومت جي دور ۾ بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏنو ويو، هاڻي مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ماڻهو پريشاني جو شڪار آهن، سينيٽر قرت العين مري چيو ته پي ٽي آءِ جو وطيرو بڻجي ويو آهي ته ڪوڙ اهڙي طرح ڳالهائڻو آهي جو سچ لڳي، عمران خان جي گهرواريءَ کي پنج ارب روپين جي زمين القادر يونيورسٽي جي نالي تي گفٽ ڪئي وئي،مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي، عوامي مسئلن ۽ مشڪلاتون جو شڪار آهيون، سستو تيل ۽ گئس خريد ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.